Saturday , April 20 2024

لاجواب سنڌ حڪومت، بي مثال صحت کاتو، ايل ايڇ وي جو مڙهه کڻڻ لاءِ ايمبولينس به نه ملي

 مهتاب سمون جو مڙھ ڊاٽسن ۾ نيو پيو وڃي (سنڌسماءَچار فوٽو)

شڪارپور ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) سنڌ حڪومت جنهن لاءِ ڪجهه هفتا اڳ صوبائي وزير منظور وساڻ چيو هو ته ” سنڌ سرڪار يورپ جي طرز تي ڪم ڪري رهي آهي، جيترا ترقياتي ڪم سنڌ ۾ ٿين ٿا ايرتررا ٻيو ڪٿي به نه ٿا ٿين“. ان ئي سنڌ حڪومت موذي مرض پوليو جي خاتمي لاءِ جان جوکي ۾ وجهي شڪارپور جهڙي ضلعي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون جو مڙهه اسپتال کان ڳوٺ تائين کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولينس به مهيا نه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وارث لاش ڊاٽسن ۾ کڻائي ڳوٺ پهتا، ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنيل آهي.مهتاب سمون جي زخمي ٿيڻ وارو معاملو به اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي.

شڪارپور ضلعي جي مدئجي واري علائقي ۾ 2 ڏينهن اڳ پوليو مهم دوران ڦڙا پيارڻ لاءِ ويندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون کي مبينا طور تي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيون پي ويو ته، ايمرجنسي جي صورتحال سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي ۽ ايل ايڇ وي موٽر سائيڪل تان ڪرڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ زخمي ٿي پئي. مهتاب سمون کي پهريان شڪارپور ۽ بعد ۾ ڪراچي جي اسسپتال منتقل ڪيو ويو پر هوءَ زندگيءَ لاءِ جهيڙيندي موت هٿان حياتي جي جنگ هارائي وئي. مهتاب جو مڙهه ڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو، جتان بعد ۾ شڪارپور اسپتال نيون ويو. سول اسپتال شڪارپور ۾ پوسٽ مارٽ ڪرائڻ کانپوءِ وارثن لاش ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ اسپتال انتظمايه کان ايمبولينس گهري جيڪا مختلف ڪارڻ ڄاڻائيندي کين نه ڏني وئي. جنهن بعد ايل ايڇ وي مهتاب سمون جي وارثن ڊاٽسن ذريعي مڙهه ڳوٺ منتقل ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن اهڙي عمل خلاف احتجاجي مظاهرو به ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته، مهتاب کي اڳ به ڌمڪيون ملنديون هيون ته، تون پوليو جا ڦڙا پيارڻ نه ايندي ڪر نه ته توکي ماري/قتل ڪري ڇڏينداسين. انهن عورتن پاران ڪنهن جو نالو ناهي کينو ويو، پر اهي اهڙو الزام ضرور هڻن ٿيو. مهتاب سمون بابت ٻڌايو پيو وڃي ته کيس ڇتي ڪتي چڪيو هو، جڏهن وارث عورتون ۽ شڪارپور جون ايل ايڇ ويز کيس قتل جون ڌمڪيون ملڻ جي به ڳالهه ڪري رهيون آهن. معاملي جي اڃاتائين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪا به خبر ناهي، ڇو ته اڃا تائين سندس ڪو به بيان يا معاملي جي جاچ جو به ڪو اعلان ناهي ٿيو. ۽ نه ئي اييمبولينس نه ملڻ جو ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي.

ٻي طرف شڪارپور مليل ڄاڻ موجب ليڊي هيلٿ ورڪر کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي. هڪ مقامي صحافي پاران سنڌ سماءَ چار کي موڪليل معلومات جيئن جو تيئن پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.

”شڪارپور لڳ ڪچي واري علائقي شيرانپور ۾ پوليو ڊيوٽي دوران ليڊي هيلٿ ورڪر مٿان جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد تشدد ڪري ڦٽو ڪري ڏنو جنهن بعد ڊرائيور ۽ سندس ساڻ ٻيون ليڊي ورڪر شيرانپور واري هڪ ننڊي اسپتال ۾ علاج لاء کڻائي آيا, ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون جي حالت ناساز هئڻ سبب لاڙڪاڻه ريفر ڪرائي ويا جتي مهتاب سمون کي هوش نه اچڻ تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ نيهو ويو جتي ليڊي هيلٿ ورڪر کي هوش نه آيو سندس زير علاج دوران ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو, اهڙي ڳالهه ٻڌندي شڪارپور جي ليڊي هيلٿ ورڪرس ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو ليڊي هيلٿ ورڪر روڊن تي نڪري آيون جن رستم روڊ تي سخت احتجاج ڪندي ٽائر پڻ ساڙيا احتجاج کي وارثن توڙي ليڊي هيلٿ ورڪرس خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ڊيلي ويجز تي خريد ڪري خوفناج علائقن ۾ موڪليو پيو وڃي نه ڪا سيڪيورٽي پئي ڏني وڃي اسان جي ليڊي هيلٿ ورڪرن سان ڪيترائي ڀيرا ناجائزيو ٿيون آهن پر ڪنهن ڪو نوٽيس ناهي ورتو, اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان, وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين کان پرزور لفظن ۾ گهر ٿا ڪريون ته اسان جي ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون جي قتل جو نوٽيس وٺي سندس وارثن سان انصاف ڪري سندس قاتل گرفتار ڪيا وڃن, نه ته ٻئي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ روڊ بند ڪيا ويند. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن ڪچي واري علائقي ۾ ليڊي ورڪر پوليو جا ڦڙا پيئارڻ وئي هئي ته ان مٿان تشدد ڪري ڪپڙا ليڙو ليڙو ڪيا ڪيا هئا پر ڊپٽي ڪمشنر سيد حسن رضا شاهه ڪابه انڪوائري نه ڪئي ۽ ڪو به نوٽيس نه ورتو“.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *