Saturday , April 20 2024

لاجواب حڪومت- بيمثال کاتو؛ درسي ڪتاب 13رپيا في ڪلو؟؟

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي منظر تي اچي وئي آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ شاگردن لاءِ مليل 50 هزار درسي ڪتاب تعليم کاتي” ايماندار“ آفيسرن تور جي حساب سان ڪٻاڙي واري کي وڪرو ڪري ڇڏيا، ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪتاب هٿ ڪري هڪ جوابدار کي ٻڌي ورتو آهي. پوليس لانڍي 5 نمبر واري علائقي ۾ هڪ گودام تي اوچتو ڇاپو هڻي 50 هزارن کان وڌيڪ سنڌ جي تعليم کاتي جا ردي طور وڪرو ڪيل درسي ڪتاب هٿ ڪيا.

تعليم کاتي جي ملڪيت درسي ڪتاب جيڪي مختلف ڪلاسن جي شاگردن کي مفت ۾ ڏيڻا هئا اهي هٿ ڪندي پوليس هڪ جوابدار کي ٻڌو آهي. ردي جي ڪاغذن واري گودام مان هٿ ڪيل ڪتاب تعليم کاتي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن جي حوالي ڪيا هئا جيڪي شاگردن ۾ مفت ورهائجڻا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته گودام ملاڪ رضوان ولد شفيع کان اڍائي هزار ڪلو گرام ڪتاب هٿ ڪيا. هٿ ڪيل ڪتاب لانڊي جي پنج نمبر واري علائقي ۾ قائم سرڪاري اسڪول بلديا اسڪول نمبر 3 جي ملڪيت هئا. اُهين  ڪتاب ردي جي ڪاغذ تور 13 رپيا في ڪلو گرام جي حساب سان وڪرو ڪيا ويا.لانڍي پوليس اسٽيشن جي عملدارن موجب جوابدار رضوان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.

FIR NO 147/18 U/S 409/380/411 PPC

پوليس جو چوڻ  آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار اب تدائي پڇاڳاڇا دوران  ٻڌايو آهي ته ڪتاب پاٺو ٺاهڻ واري ڪارخاني کي وڪرو ڪرڻا هئا. ان لاءِ اهي گودام مان منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پي ويون ته اچانڪ پوليس پهچي وئي ۽ سندن پلاننگ ناڪام ٿي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *