Thursday , March 28 2024

قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جي جوڙجڪ مڪمل، اسد عمر چيئرمين مقرر

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيٺ نيشنل فنانس ڪميشن/قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سري سان جوڙجڪ مڪمل ٿي وئي آهي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر چيئرمين، مراد علي شاهه سميت چئني صوبن جا وڏا وزير، ناڻي جا وزير ميمبر هوندا، خانگي ميمبر به مقرر ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. صدر جي منظوري تحت نئين مالياتي ڪميشن جو چيئرمين ناڻي وارو وزير اسد عمر هوندو. ڪميشن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ميمبر هوندا، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه کان علاوه سنڌ مان ڊاڪٽر اسد سيد کي اين ايف سي ڪميشن جو خانگي / پرائيويٽ ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. اين ايف سي ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، سيد مراد علي شاهه، سردار عثمان بوزدراد، ڄام ڪمال، محمود خان، چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير به اين اين سي جا ميمبر هوندا. انهن کانسواءِ چئني صوبن مان پرائيويٽ / خانگي ميمبرن ۾ اسد علي سيد سنڌ، ڊاڪٽر سلمان شاهه پنجاب، ڊاڪٽر مشرف رسول خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ڊاڪٽر محفوظ علي خان شامل آهن. ناڻي واري وفاقي وزارت جو سيڪريٽري اين ايف سي جو آفيشل ايڪسپورٽ طور ڪميشن جو ايڪسپرٽ طور ميمبر هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *