Friday , March 29 2024

قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو نه ٿو مڃان: اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي تاحيات قائد ميان نواز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد جاري ڪيل ان جي پڌرنامي کي رد ڪندي چيو آهي ته هُو ان کي نه ٿو مڃي، غداري واري معاملي تي ڪميشڻ ٺهڻ گهرجي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو. اسلام آباد احتساب عدالت پيشي وقت عدالت ٻاهران ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته، قومي سلامتي ڪانفرنس جي اجلاس کانپوءِ ان جي جاري ڪيل پڌرنامو انتهائي افسوسناڪ، تڪليف پهچائيندڙ آهي ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف گذريل ڏينهن بنو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي غداري واري معاملي تي قومي ڪميشن ٺاهڻ وارو مطالبو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي چيو ته، ڪميشڻ جوڙي وڃي جيئن کير- کير ۽ پاڻي – پاڻي ٿيڻ گهرجي.

نااهڪ ٿيل اڳوڻي وزيراعظم ميان نجواز شريف چيو ته هاڻي پتو پوڻ گهرجي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو بنياد ڪنهن وڌو ۽ ذميوار ڪير آهن. اسان جو ڪيترو پيارو ملڪ هو، هاڻي ان کي ڏسي تڪليف ٿي رهي آهي. نواز شريف چيو ته، هاڻي اهو به پتو پوڻ گهرجي ته ملڪ کي هن حالت تائين ڪنهن پهچايو آهي. نواز شريف چيو ته مون کي ٻڌايو ته ڪو ملڪ اسان سان گڏ بيٺل آهي؟ دنيا ۾ اسان اڪيلا ٿي ويا آهيون، قومي ڪميشن جي ضرورت آهي، بين ملڪن سان اسان جون دوستيون ٿي رهيون هيون. نواز شريف چيوو ته، خواجه آصف کان پڇو ته ٻين ملڪن مون بابت ڪهڙي راءِ ڏني آهي. هن چيو ته ڊان ليڪس وقت سڪيورٽي اجلاس ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ سڪيورٽي ڪميٽي ۾ ڪيل ڳالهين کي ڊان ليڪس جو نالو ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *