Thursday , April 18 2024

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس مان سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس اختلافن جي ور چڙهڻ جيڪري سنڌ،ڪي پي ۽ بلوچستان  جي وڏن وزير واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، جن کي وزيراعظم يا ڪنهن لاڳاپيل ذميوار پرچائڻ جي تڪليف نه ڪئي، مراد علي شاهه چيوآهي ته اسان جي واڪ آئوٽ کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن به منصوبي جي منظوري ڏني وئي ته اجهو غير آئيني ۽ غير قانوني هوندو. اڱاري ڏينهن وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس مان ٽن صوبن جي وڏن وزيرن مختلف ترقياتي منصوبن تي اعتراض واريندي ۽ سندن تجويزن کي قبول نه ڪرڻ تي اجلاس مان اٿي هليا ويا.

اجلاس جي واڪ بعد مراد علي شاهه، پرويز خٽڪ ۽ عبدالقدوس بزنجو اسلام آٻاد نيشنل پريس ڪلب ۾ پگڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته، هر ڀيري پنجاب کي سمورن صوبن کان وڌيڪ ترقياتي فنڊ وڃن ٿا پر، بدقسمتي سان هر دفعي ننڍن صوبن جو ڪو به خيال ناهي رکيو ويندو. قومي اقتصادي ڪونسل اجلاس ۽ گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس ٿيو ۽ قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ پي ايس ڊي پي تي بحث ٿيو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت مئي ۾ ختم ٿيندي ۽ ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي موجوده حڪومت نٿي بڻائي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان خدشن جي ڪري قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو جنهن بعد اجلاس جو ڪورم ٽٽي پيو.

ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته، اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير ٿوري دير ويٺو ۽ وزيراعظم سان ڪجهه ڳالهائڻ بعد اجلاس ۾ اٿي هليو ويو، وفاقي حڪومت جي نمائندن اسان جي تجويزن کي قبول نه ڪيو ۽ چيو ته اوهان ڪا به تجويز پيش ڪيو ته ڀلي ڪيو پر اهي منظور نه ٿينديون، اسان گهڻي ڪوشش ڪئي ته معاملو حل ٿئي پر پوءِ سمجهي وياسين ته هتي ننبه اسان جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، جنهن تي مجبور ٿي اسان اجلاس مان اٿي آياسين.

ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ اسان جون سفارشون نه گهريون ويون ۽ پنهنجي مرضي جون سفارشون شامل ڪيون ويون. پرويز خٽڪ چيو ته اجلاس ۾ چيو ته توهان اسان سان انصاف ناهيو ڪري رهيا، پهرين به اسان سان اهو ئي ڌوکو ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جون سفارشون به ناهن مڃڻيون ۽ پنهنجي مرضي جون سفارشون ئي شامل ڪرڻيون آهن ته پوءِ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان ان اجلاس ۾ چيو ته ٻه ٽي ٻاقي آهن رڳو ان جي بجيٽ پيش ڪيو ۽ باقي بجيٽ ايندڙ حڪومت کي تيار ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي. عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان 2018ع جي چونڊن ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ نئين بجيٽ جي نين اسڪيمن جي باري ۾ آئين جي موجب حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *