Friday , April 26 2024

قومي اسيملبي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا ؟؟

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيوز) وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرز پاران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن تي ڇتي تنقيد ڪرڻ ۽ سينئر پارليامينٽيرينز کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي اپوزيشن رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اپوزيشن جي هڪ سينيٽر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، اسان تنقيد کان نه ته گهٻرايون ٿا ۽ نه ئي ڪنهن کي روڪيو آهي، اپوزيشن حڪومت جي مهذب انداز ۾ هر جائز ۽ مثبت تنقيد برداشت ڪرڻ ۽ ان جو مهذب انداز ۾ جواب ڏئڻ لاءِ به تيار آهيون. اپوزيشن جي سينٽر جو چوڻ هو ته، حڪومتي ڊيسڪ تان ڪجهه ڳالهيون جائز آهن، پر انهن جو انداز غلط آهي اُهي سڌو نشانو بڻائي رهيا آهن ان جو انداز آمراڻو آهي انڪري اهڙي ڪا به ڳالهه جمهوريت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، هن مسڪرائيندي چيو ته، ”ڪرپشن ڪرپشن جون ڳالهيون ٿين پيون؛ ڇا ڪرپشن نه ٿي آحي ڇا، پوءِ اهو اڄوڪي حڪومت ۾ هجي يا يا ماضي ۾، ان کان نه پيپلز پارٽي آجي آهي نه نون ليگ ۽ نه ئي پي ٽي آءِ جي نئين ڄاول حڪومت جا وزير“. هاڻي اپوزيشن جو ڇا ارادو آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ سينئر سياستدان ۽ سينيٽر چيو ته، اپوزيشن في الحال برداشت ڪري رهي آهي ۽ ڪنداسين، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۽ واڪ آئوٽ کان وڌيڪ ڪجهه به نه ڪنداسين. هن ٻڌايو ته، حڪومتي وزيرن کي جيڪو ڪرڻو آهي ۽ جيڪو ڪجهه چوڻو آهي ڀلي ڪن؛ پر قومي ۽ سينيٽ جا جاري اجلاس ختم ٿين ۽ انکانپوءِ ٿيندڙ اجلاسن ۾ حڪومت ڪجهه قانون سازي ڪرڻ واري آهي، حڪومت کي اصل کوڙن جي خبر ان وقت پوندي ته  حڪومت ڪيتري پاڻي ۾ آهي. اپويزيشن جي ڪجهه پارليامينٽيرنز پي ٽي آءِ جي جي سينئر اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ شبلي فراز کي به پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته، ”اوهان پنهنجي وزيرن کي اڃا وڌيڪ سخت رويو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، پر جڏهن اسان جواب ڏيڻ شروع ڪنداسين ته اوهان وچ ۾ نه اچجو“. سندس اهڙي ڳالهه تي جڏهن پڇيو ته، اها ته سڌي ڌمڪي آهي؟ جواب ڏيندي سينيٽر چيو ته، حڪومت جو موسمي سياستدان جيڪو هاڻي وزير به آهي ۽ اڏامي ٿو، اهو ته اسان کي ايوان ۾ گلن جا هار ٿو پارائي نه، جو اسان ڌمڪيون ٿا ڏيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *