Thursday , March 28 2024

قومي اسيمبلي ۾ شازيه مري جي تقرير ۽ ان تي ٿيل هُل هنگامي جي اصل ڪهاڻي!!

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ”شازيا مري جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير پ پ جي منصوبابندي جو حصو هئي، پارٽي جا سينئر اڳواڻ ڪجهه قومي مسئلن کانسواءِ پي ٽي آءِ حڪومت جي مدد ڪرڻ نه ٿا چاهين“، اِهو چوڻ آهي پيپلز پارٽي جي هڪ سينئر اڳواڻ ۽ پارليامينٽيرين جو.4 نومبرسومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران، ايم اين اي شازيا عطا مري جي تقرير تان پ پ ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ جهيڙي ٿي پيو هو ۽ ٻنهي پارٽين جا ميمبر هٿين پئجي ويا هئا. ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ڇا اهو معاملو فقط تقرير دوران ادا ڪيل جملا عام تقرير جا جملا هئا يا ان پٺيان ڪا ٻي ڪهاڻي هئي. ان سسلسلي ۾، سنڌسماءَچار پاران جڏهن پيپلز پارٽي جي هڪ سينيٽر سان رابطو ڪيو ته هُن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ” پيپلز پارٽي ڪجهه انتهائي اهميت جوڳن قومي مسئلن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي، پر ان کي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي حمايت يا سياسي معاملن تي ڍَرَ ڏيڻ نه ٿي چاهي“.

هي لاڳاپيل نيوز به پڙهي سگهجي ٿي

آصف زرداري پاران عمران خان کي مفاهمت جي آڇ تي پ پ قيادت ورهائجي وئي

پ پ جي سينئر اڳواڻ وڌيڪ ٻڌايو ته، ”شازيا مري جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير پ پ جي منصوبابندي جو حصو هئي، پارٽي جا سينئر اڳواڻ ڪجهه قومي مسئلن کانسواءِ پي ٽي آءِ حڪومت جي مدد ڪرڻ نه ٿا چاهين“. هن آصف زرداري ۽ انور مجيد جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته، ”جيڪڏهن ڪو اڳواڻ يا ان جا دوست مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪي انهن جا نجي معاملا آهن ته پارٽي کي قانوني ۽ اصولي مدد کانسواءِ وڌيڪ اڳتي نڪرڻ نه گهرجي. اسان سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ سياسي طور تي جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو سياسي جدوجهد کانسواءِ ٻيو ڪو به نه آهي. سينئر اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهيون“ اهو چوڻ هو پيپلز پارٽي سينيٽر جو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس بهتر نموني هلي رهيو هو، حڪومت تي تنقيد به ٿي رهي هئي آخر شازيا مري اهڙُ بيان ڇو ڏنو؟ واري سوال تي هن ٻڌايو ته، اسان جو مقصد سڌو سئنو نيازي کي ٽارگيٽ بڻائڻ نه هو ۽ نه ئي وري وزيراعظم کي. صرف اهو طئي ڪجيو ويو هو ته، اهڙو موقف رکڻو آهي، جنهن سان پي ٽي آءِ وارن چِڙ لڳي ۽ اجلاس دوران تحريڪ انصاف وارن کي سخت جواب ڏيڻو پوي. اهڙي ذميواري شازيا مري پاڻ کئين هئي، جنهن ۾ هوءَ ڪامياب وئي“. هن ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اڃا به وڌيڪ سخت موقف سامهون ايندو ۽ اُهو ڪٿي ۽ ڪهڙي موقعي تي ايندو، اهو پ پ جي انهن ئي سينئر اڳواڻن کي طئي ڪرڻو آهي.

هيٺ ڏنل لاڳاپيل نيوز به پڙهي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شازيا مري جي بيان تي جهيڙو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *