Friday , March 29 2024

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ، پي ٽي آءِ پيپلز پارتي کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پيپلزپارٽي کان مدد گهري ورتي آهي، خورشيد شاهه کي اسپيڪر لاءِ نامزد اسد قيصر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي درخواست، فواد چوڌري جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ وفد پارليامينٽ لاجز ۾ خورشيد شاهه، شيري رحمان ۽ نويد قمر سان ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ وفد اسپيڪر اياز صادق سان به ملاقات ڪري ڌانڌلين جي شڪايتن تي جاچ ڪرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، ملڪ کي درپيش چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار.

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي اجلاس ۾ عمران خان جي حلف برداري تقريب سميت اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان پارليامينٽ ۾ اشوز جي سياست ڪنداسين. بلاول هائوس اسلام آباد ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينئر اڳواڻ ۽ نوان چونڊيل ايم اين اي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويو. پارٽي اجلاس ۾ عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ۽ ايوان ۾ پارٽي حڪمت عملي تي به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري نين چونڊيل ميمبرن کي واڌايون ڏيندي چيو ته مون کي اوهان تي فخر آهي ته اوهان ڏکين حالتن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي نظريي تي قائم آهيون، اسان پارليامينٽ ويهي پنهنجي پارٽي جي نظريي ۽ اشوز تي هلانداسين. نوجوانن جي ذهن ۾ نفرتن جو جيڪو ٻج ڇٽيو ويو آهي اسان ان کي ختم ڪري کين امن، محبت ۽ ترقي جي رستي تي آڻينداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڪم ڪنداسين، پيپلزپارٽي ايوان ۾ ويهي ايشوز تي ڳالهائيندي، اسان جي جدوجهد هڪ ڏينهن جي نه آهي.ان موقعي تي اجلاس ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت جي دائري ۾ رهندي حالتن جو مقابلو ڪنداسين، جمهوريت جي نقصان سان ملڪ جو نقصان ٿيندو.

هن چيو ته سنڌ ۾ سٺا نتيجا حاصل ڪيا آهن هاڻي پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ اسان جو مشن آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڏکڻ پنجاب ترقي ڪري ۽ عوام جا مسئلا حل ٿين. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان اپوزيشن بينچز تي ويهي پنهنجي پارٽي منشور تي عمل ڪنداسين. اجلاس کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سموري اپوزيشن جماعتن کي گڏ کڻي هلنداسين، پي ٽي آءِ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا رائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي ويندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽئين نسل جو ايوان وڃڻ تاريخي آهي. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مثبت سياست تي غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي نئين جذبي سان قومي اسيمبلي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *