Saturday , April 20 2024

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شازيا مري جي بيان تي جهيڙو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي جي سومر ڏينهن ٿيل اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر شازايا عطا مري جي نيازي بابت بيان ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، شازيا مري جي بيان تي پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جا ميمبر هٿين پئجي ويا، شازيا مري چيو ته، اوهان جڏهن ڳالهايو ٿا ته ڄڻ ڪو نيازي پيو ڳالهائي ۽ ٻاهر وڃون ٿا ته ڄڻ ڪو نيازي ڀڄي ويو، جنهن تي ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. اسپيڪر پاران معاملو ٽارڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. سومر ڏهاڙي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ جهيڙو، هڪ ٻئي تي اُلرون، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، شازيا مري جي تقرير دوران پي ٽي آءِ ميمبر مجيد نيازي چٿرون ڪندو رهيو، پيپلزپارٽي جو رفيع الله مجيد نيازي کي مارڪٽ لاءِ ڊوڙندي ان ڏانهن وڌيو ته کيس ٻين ميمبر روڪي ورتو. پي ٽي آءِ ميمبرن جي رويي خلاف پيپلزپارٽي جي ميمبرز جو اسپيڪر جي روسٽرم آڏو سخت احتجاج ڪيو. حڪوپمتي ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن وچ ۾ جهيڙو پ پ ايم اين شازا عطا مري جي تقرير تي ٿيو. تقرير دوران شازيا مري حڪومتي ميمبرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته، جڏهن اوهان ڳالهايو ٿا ته لڳي ٿو ڪو خان ڳالهائي رهيو آهي، جڏهن اوهان ٻاهر وڃون ٿا ته لڳي ٿو ڪو نيازي ڀڃي ويو آهي. شازيا مري جي جملن تي پي ٽي آءِ جي ميمبر ۽ وفاقي وزير علي محمد خان جواب ڏيندي چيو ته، اوهان کي ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن قبيلي کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ نيازي هٿيار ڦٽا ڪيا هئا ته سوات ۾ به وطن لاءِ هڪ نيازي جان جو نظرانو پيش ڪيو هو. ان تي شازيا مري کيس جواب ۾ چيو ته، هُن ڪنهن قبيلي کي نه پر ان نيازي لاءِ چيو آهي جنهن دشمنن آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. شازيا مري جي انهن جملن تان حڪومتي ميمبرن ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن وچ ۾ جيهڙو ٿيو.

جهيڙي دوران، شازيه مري پاران ٻيهر تقرير دوران پي پي ميمبر رفيع الله جذبات ۾ اچي ويو، هو جهيڙي لاءِ پي ٽي آءِ ميمبر عبدالمجيد نيازي ڏانهن ڊوڙندو ويو، جنهن کي ميمبرن روڪي ورتو. پ پ ۽ حڪومتي ميمبرن وچ ۾ جهيڙي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، پ پ ميمبرن اسپيڪر  جي روسٽرم آڏو سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. صورتحال ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد اسپيڪر ٻنهي ميمبرن کي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايوان جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *