Friday , March 29 2024

قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن جو احتجاج، ايوان اندر نماز ادا ڪرڻ بعد واڪ آئوٽ

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي واڪ آئوٽ جو فائدو وٺندي ٻيون فنانس بل 2019 منظور ڪري ورتو، ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته، ڪاش بلاول حڪومت جي معاشي پاليسي کي سمجهي ان تي ڳالهائي ها، فنانس بل تي اهي به تنقيد ڪن پيا جن اهو پڙهيو به نه  آهي، احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن کانسواءِ فنانس بل منظور ڪري خراب روايت قائم ڪئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اپوزيشن پاران وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ميمبرز گوڙ ڪري نعريبازي ڪئي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو نماز پڙهڻ بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. اپوزيشن پاران واڪ آئوٽ ڪرڻ جي فوري طور بعد ۾ حڪومت اپوزيشن جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي ٻيون فنانس ترميمي بل 2019 منظور ڪرائي ورتو. حڪومت تڪڙ ۾ فنانس ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن سبب اسپيڪر نماز جو وقفو به ڪري نه سگهيو، مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو ئي جماعت ڪرائي، جنهن ۾ ايم ايم اي، ن ليگ سميت ٻين ميمبرز به نماز پڙهي. اپوزيشن ميمبرز ايوان ۾ گوڙ کانپوءِ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ کانپوءِ حڪومت فنانس ترميمي بل منظور ڪرائي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *