Friday , March 29 2024

قومي اسيبلي جو اجلاس: اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان ۽ فيصل واوڊا ۾ سخت جملن تي گوڙ

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وچ سخت جملن جي ڏي وٺ دوران ايوان گوڙ جي ور چڙهي ويو، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏيڻ وارو بيان افسوسناڪ آهي، فيصل واوڊا مون کي چور سڏيو آهي ته آئون سندس والد کي به چور سڏيندس. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڻي جي چوري بابت بحث ٿيو، جنهن دوران فيصل واوڊا ۽ شاهد خاقان عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  اجلاس دوران فيصل واوڊا پاڻي جي چوري جو ذميوار نواز ليگ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو.  فيصل واوڊا چيو تهنوازشريف ٻين صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ۽ پاڻي چوري ڪيو، مان گذريل دور ڪيل پاڻي چوري پڪڙي چڪو آهيان.  ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي  اعتراض ڪندي چيو ته حڪومت ۾ شامل ماڻهن کي ديانتداري سان سڃاڻيان ٿو.  هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏيڻ وارو انڪشاف ڳڻتي جوڳو آهي، جنهن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته فيصل واوڊا مون کي چور سڏيو آهي ته آئون سندس والد کي به چور سڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *