Thursday , March 28 2024

قمبر ۾ گهر تي حملو، ناري اغوا، نوجوان مرڻينگ

قمبر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) قمبر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا، فائرنگ ۾ ناري جو ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي. شهر جي برڪت شاهه پاڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند 18 سالن جي نوجوان ناري حنا گوپانگ کي اغوا ڪري ويا. حملي دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان جواد گوپانگ سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ذوالفقار مهر جو چوڻ آهي ته واقعو ٻن ڀائرن وچ ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو، اغوا ٿيل ناري کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتار عمل ۾ اچي نه سگهي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سيوهڻ ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام مافيا جي حملي ۾ نوجوان جي ڄنگهه ضايع

سيوهڻ / ڪراچي ( خاص نمائندو / چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) مستحق عورتن جي مالي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *