Friday , April 19 2024

فيض گنج ۾ نجي ڪلينڪ جي ملازمن سميت 6ڄڻا ڪرونا ۾ مبتلا، شهري پريشان

فيض گنج ۾ صحت کاتي پاران ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وڃي: شهرين جو مطالبو

فيض گنج( رپورٽ: ضياءَ آرائين سنڌسماءَچار) فيض گنج جي نجي ڪلينڪ جي ڪمپائونڊر سميت 6 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، نجي ڪلينڪ جو مالڪ ڊاڪٽر مقبول ڪرونا ۾ مبتلا هجڻ کي 6 ڏينهن کان گهر اندر قرنطينا ٿيل آهي. بي ايڇ يو فيض گنج جي اڳوڻي ايم ايس ۽ علائقي جي سينئر ڊاڪٽر مقبول راڄپر جي نجي ڪلينڪ جي ڪمپائونڊ عرفان حسين سميت علائقي جي 6 ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق ٿي وئي آهي، هفتو اڳ ڊاڪٽر مقبول جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ٽي ايڇ او فيض گنج ڪلينڪ جي ملازمن سميت 80 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ لاءِ سندن سيمپل ورتا ويا هئا، جن مان 6 ڄڻن کي ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي، ڪرونا پازيٽو آيل ملازمن ۾ عرفان حسين کانسواءِ اسد علي، الطاف حسين، عنايت الله، عظمه ۽ حميدان شامل آهن، ٻئي پاسي ڪلينڪ تان دوا وٺڻ لاءِ آيل سمورن ماڻهن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي، شهرين جو چوڻ آهي ته صحت کاتي پاران فيض گنج ۾ ڪرونا جي روڪٿام لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، ڪرونا ٽثيسٽ مهانگي هجڻ ڪري عام ماڻهو ذاتي خرچ تي ڪرائڻ کان قاصر آهن انڪري صحت کاتي پاران فيض گنج ۾ ڪروناٽيسٽ جو ب ندو بست ڪيو وڃي.

“ رئيسو، وڏيرئو ! اوڌر تي ورتل ڪپڙي جا پئسا ڏيو يا لکان نالا بئنر تي ”: پڪاچانگ جو دڪاندار

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *