Friday , March 29 2024

فيض گنج: ڏيڍ صدي قديم اسڪول جي زمين ڦٻائڻ لاءِ تر جي بااثر ڀوتارسرگرم،هيڊ ماستر ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائي بيٺل

Bhangu GH scool protest 2

خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي جي بئراجي ۽ ٿر واري علائقي جي سنگم تي ڏيڍ صدي اڳ قائم ٿيل قديمي ڀنگو بهڻ هاءِ اسڪول جي زمين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ چوديواري ڏيارڻ جي ڪوششن کي تباھ ڪرڻ لاءِ شهر جا بااثر ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن، جن پنهنجي لاٺڙين ذريعي هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ روڙا اٽڪائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

ڀنگوبهڻ بورڊنگ هاءِ اسڪول جيڪو انگريز دور جي شروعاتي ڏينهن ۾ قائم ڪيو ويو هو، ان جي زمين، پراڻي هاسٽل ۽ ٻي ملڪيت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ تعليمي ماهر استاد جميل احمد بوذدار جي ڪوششن سان چوديواري واري ڪم ۾ روڙا اٽڪائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ماضي ۾ اسڪول جي زمين تي بااثر ماڻهن اڳ به قبضا ڪري اڏاوتون ڪري ڇڏيون آهن. ڀنگو بهڻ شهر جو پيٽرول پمپ ۽ ڪجھ دڪان به اسڪول جي زمين تي قائم ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب انهن ملڪيتن تي بااثر سياسي ماڻهن انتظاميا جي مدد سان قبضا ڪري ڪروڙين رپين جي ملڪيت ڦٻائي ويا آهن ۽ هاڻي رهيل قيمتي زمين ۽ پلاٽن تي به سندن شڪارين وارويون نظرون کتل آهن.

Bhangu GH scool protest 1

ڀنگوبهڻ: اسڪول جي زمين تي قبضي خلاف شهرين جو  احتجاج

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي پراڻي هاسٽل، زرعي زمين ۽ پلي گرائونڊ تي شهر جو بااثر شخص پنهنجن لاٺڙين کي سامهون آڻي قبضو ڪرڻ چاهي پيو، جنهن کي هيڊماستر جميل احمد ۽ سڄاڻ شهرين جي مزاحمت بعد ڪجھ رڪاوٽ ٿي آهي، پر بااثر شخص هاڻي سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري مختلف بهانن سان هيڊ ماستر جميل احمد بوذدار تي دٻاءُ وجهڻ ۽ کيس بدلي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

اسڪول جي هيڊ ماستر استاد جميل احمد بوذدار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته،فيض گنج جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته، ڀنگو ڀهڻ هاءِ اسڪول نه رڳو علائقي پر سنڌ جو ورثو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڀوتارن جي حوالي ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اسڪول جي ملڪيتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تر جي سڄاڻ ماڻهن به ساٿ ڏنو آهي، پر بااثر شخص انهن خلاف به واويلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرائي رهيو آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بااثر ماڻهو هاڻي هيڊ ماستر تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اجائي واويلا ڪري رهيا آهن، هيڊ ماستر ۽ اسڪول جي ٻيا استاد جيڪي قبضا مافيا خلاف مضبوط ڀت بڻجي بيٺا آهن انهن خلاف به اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

(ڀنگوبهڻ هاءِ اسڪول بابت وڌيڪ اهم انڪشاف جلد سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن ۽ سنڌ واسين آڏو پڌرا ڪيا ويندا)

فيض گنج ۾ انگريزن جي دور دوران ڏيڍ صدي اڳ قائم ٿيل ڀنگوبهڻ هاءِ اسڪول جي ساڍا 16 ايڪڙ زمين جي ايراضي تي قبضو ڪرڻ لاءِ قبضي مافيا سرگرم ٿيڻ بعد اسڪول جي پرنسپال جميل احمد بوزدار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته،  ڏيڍ سئو سال اڳ قائم ڪيل ڀنگوبهڻ هاءِ اسڪول ۾ هن وقت 1150 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن اسڪول مان سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پڻ تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. هي اسڪول نه صرف هڪ درسگاھ پر سنڌ جو عظيم اثاثو آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ هُو آخري حد تائين به وڃي سگهي ٿو.

Bhangu GH scool protest 2

ڀنگوبهڻ هاءِ اسڪول جي پراڻي ۽ نئي ڄهندڙ عمارت جو ڏيک:سنڌسماءَچار

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران اسڪول کي نئين عمارت ڏيڻ سان گڏ اسڪول جي سرڪاري ملڪيت کي محفوظ رکڻ لاءِ چوديواري جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قبضي مافيا اسڪول جي چوديواري اڏڻ ۾ ناخوش هجڻ ۽ اسڪول جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي قبضو ڪرڻ توڙي چوديوراي قائم ڪرڻ ڏيڻ بدران ان آڏو دڪان اڏائڻ جي ڪوشش ڪندي مزدورن کي ڌمڪائي ڪم بند ڪرايو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *