Friday , March 29 2024

فيض گنج: حاجاڻا پل وٽ ٽريڪٽر ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 2ڄڻا فوت، لاش لوڊر رڪشا تي کڻي اسپتال منتقل

فيض گنج: حاجاڻا پل وٽ ٽريڪٽر ۽ ڪار ۾ ٽڪر، ماءُ پٽ سميت فوت، 5 گهر ڀاتي ڦٽجي پيا لاش ۽ زخمين کي لوڊر رڪشا تي اسپتال منتقل ڪيو ويو

فيض گنج (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ لاش يا زخمين کي کڻي اسپتال منتقل ڪرڻ يا لاش ڳوٺن ڏانهن کڻائي وڃڻ خواب بڻجندو پيو وڃي، فيض گنج ويجهو حاجاڻا پل وٽ ٽريڪٽڙ ثٽرالي ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا ڦٽجي پيا، زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس نه ملڻ جي نتيجي ۾ لوڊر رڪشا ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي ۽ زخمي هڪ ئي ڪٽنب جا آهن، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. فيض گنج ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪورڪي حاجاڻا پل وٽ مهراڻ ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي مسمات اقبال۽ سندس 12 سالن جو پٽ اقرار ولد گل بهار پلهه ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي جي نتيجي ۾ شمائلا خاتون، ڪومل، ڪزبانو، ليلا خاتون ۽ گل بهار پلهه زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو،  زخمين مان ٽن عورتن جي حالت ھڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل خاندان ڳوٺ جسڪڻي کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، وارث فوتين جا لاش بنا ڪارروائي ڳوٺ فقير آباد کڻائي ويا، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي کي پيروسڻ پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، واقعي جو اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

ڄام خان شورو خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *