Friday , April 19 2024

فيض گنج جي ڳوٺ علي آباد ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ وحشي جوابدار گرفتار، سياسي ڌريون معاملو راڄوڻي ذريعي لوڙهڻ لاءِ سرگرم

فيض گنج (خاص نمائندو) فيضگنج جي ڳوٺ علي آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ 7 ساڪن جي معصوم نينگر سان بدفعلي ڪندڙ وحشي جوابدار مجيب الرحمان شيخ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. علي آباد ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي واريون خبرون سوشل ميڊيا ۽ بعد ۾ ميڊيا تي اچڻ بعد پوليس به سرگرم ٿي وئي ۽ ڪيس دخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس نينگر جي پيءُ ارباب جويو جي فرياد تي وحشي جوابدار ڪيس داخل ڪري جوابدار مجيب الرحمان شخ خلاف بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ۽ جوابدار کي ٻڌي لاڪ اپ حڻوالي ڪيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار مجيب الرحمان نينگر سان بدفعلي جو اعتراف به ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، علائقي جون بااثر سياسي ڌريون جوابدار کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون آهن ۽ نينگر جي والد ۽ ڪٽنب جي ٻين فردن تي مختلف ذريعن کان دٻاءُ وجهي معاملي کي راڄوڻي ذريعي نيبرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …