Friday , April 19 2024

فيض گنج جي هاءِ اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي، تعليم کاتو ننڊ ۾ ستل

فيض گنج ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) فيض گنج جي تعلقي هيڊ ڪوارٽر پڪاچانگ ۾ قائم قديمي اسڪول، گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول پڪاچانگ جي عمارت زبون حال هئڻ سبب شاگردن جي حياتي داءَ تي لڳل آهي، ڪلاس رومز گهٽ هجڻ ڪري هڪ هڪ ڪلاس ۾ 60 کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. گورنمنٽ بوائز اسڪول پڪا چانگ جي عمارت زبون حال هئڻ سبب ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن سبب شاگردن جي حياتي داءَ تي لڳل. اسڪول جي عمارت ۾ ڪلاس رومز جي سخت کوٽ هجڻ ڪري سوڙهن ۽ زبون حال ڪمرن ۾ 60 کان وڌيڪ في ڪلاس روم ۾ ساگرد تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. استاد، شاگردن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته،  اسڪول جي عمارت 1968 ۾ قائم ٿيڻ بعد مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حال ٿي وئي آهي، جنهن سبب استادن ۽ شاگردن جون زندگيون موت جي ڇانوري ۾ تعليم جو ڏيئو روشن ڪري رهيون آهن. شهرين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي عمارت نئي سر تعمير ڪرائي  وڃي .

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *