Friday , April 19 2024

فيض آباد ڌرڻي جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي واري مامري جي ٻڌڻي ٿي،جنهن دوران ڌرڻي دوران سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو رڪارڊنگ ۽ ختم بوت واري معاملي تي راجاظفرالحق ڪميٽي جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊاريڪٽر جنرل آءِ بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيا. عدالت آڏو انٽيليجنس بيورو جي ڊي جي اسلام آباد ڌرڻي دوران وائرل آڊيو رڪارڊنگ بابت رپورٽ پيش نه ڪري سگهيو. آڊيو رڪارڊنگف پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڊي جي آءِ بي کي ڇنڊ پٽي. عدالت کيس هدايت ڪئي ته، 12 فيبروري تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري رپورٽ ۾ ٻڌائي ته ڌرڻي وارن سان ٺاهه ۾ آرمي چيف جو نالو ڇو استعمال ڪيو ويو آهي.  جسٽس شوڪت عزيز رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ۾ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *