Wednesday , April 17 2024

فيض آباد ڌرڻو ڳالهين ذريعي حل ڪرائڻ جو فيصلو،ڊي جي رينجرز پنجاب کي اختيار ملي ويا

اسلام آباد (بيورو چيف سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار فيض آباد ۾ جاري مذهبي جماعتن جي ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران ڳالهين وارو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڌرڻو طاقت جي استعمال کانسواءِ به ختم ڪرائي سگهجي ٿو، انڪري پاڪ فوج پنهنجي شرين خلاف طاقت جو استعمال نه ڪندي، حڪومت ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين وارو رستو اختيار ڪري معاملي جو حل ڪڍي. آرمي چيف جي تجويز بعد وفاقي گهرو وزارت ڊي جي رينجرز پنجاب کي ڌرڻي وارن سان ڳالهين يا آپريشن ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا.

وزيراعظم شاهدخاقان عباسي ۽ آرمي چيف ملاقات پاڪ فوج جي سربراهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته فوج راڄڌاني ۾ سرڪاري هنڌن جي حفاظت لاءِ مقرر هوندي پر ڌرڻي خلاف آپريشن ۾ حصو نه وٺندي. شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، گهرو وزير احسن اقبال، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

وزيراعظم ۽ شرڪت ڪندڙن کي گهرو وزير ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪارروائي، گرفتارين ۽ ملڪ جي اندرين صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج سرڪاري هنڌن جي حفاظت لاءِ موجود رهندي پر ان جو ڌرڻي خلاف آپريشن سان ڪو واسطو نه هوندو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ذميواري پوليس ۽ سول سيڪيورٽي ادارن جي آهي. انتظاميا ۽ ضلعي حڪومت جو ڪم آهي ته اهي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪن ۽ کين پرامن طريقي سان ڇڙوڇڙ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آرمي چيف وزيراعظم کي صلاح ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي ئي عوام خلاف طاقت جو استعمال نٿا ڪري سگهون، پاڪستاني عوام فوج سان محبت ۽ ان تي اعتماد ڪري ٿو. معمولي فائدن بدلي ان اعتماد کي نقصان نٿو پهچائي سگهجي، ختم نبوت ترميم جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار جي صورتحال صحيح ناهي، ڇو ته ان سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿيندي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اسان کي متحد رهڻو آهي، پاڪ فوج حڪومت جي ماتحت آهي ۽ سونپيل ذميواريون نڀائڻ لاءِ تيار آهي پر سڀني آپريشنز کانپوءِ فوج آخري آپشن هجڻ گهرجي، رياست کي خطرو هجڻ جي صورت ۾ فوج کي گهرائڻ گهرجي. آرمي چيف اها به تجويز ڏني ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ رڳو مخصوص حالتن ۾ مختصر مدي لاءِ پابندي لڳائي وڃي، آرمي چيف جي سمورين تجويزن کي شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف منظور ڪندي انهن تي عمل جو حڪم ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *