Wednesday , April 24 2024

فيصلو نواز شريف لاءِ بائونسر هوندو…! – الهه بخش راٺوڙ

rathore

عمران خان ۽ نوازشريف کي جيترو زورآزمائڻو هو، آزمائي چڪا.ملڪ جي اعليٰ عدالت قانوني ورن وڪڙن کان ٿي ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي وئي.هاڻ جڏهن پاناما ليڪس جي حوالي سان فيصلو محفوظ ٿي ويو آهي، تڏهن ڪوبه يقين سان چئي نٿو سگهي ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو.پر شريفن جي پريشاني مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هو انتهائي مشڪل صورتحال ۾ ڦاسي پيا آهن.هنن ان تاثر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوج يا عدليا هنن جي خلاف ڪا سازش ڪن پيا، يا ڪنهن سٽاءَ جو حصو آهن.ان حوالي سان خواجا آصف کي مشن امپاسيبل سونپيو ويو.هن هي ڳالهه اهڙي وقت ڪئي، جڏهن فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته سندن پاناما ڪيس سان ڪجهه به نه وڃي.هي الڳ ڳالهه آهي ته فوج جي ترجمان جي ڳالهه کي گهڻو وزن نه ڏنو ويو، ساڳي حالت بچاءَ جي وزير جي آهي.هن هينئر تائين جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن جو حقيقتن سان ڪوبه واسطو نه رهيو آهي.ائين لڳي ٿو ته بچاءَ جي وزير کي سمورن اندرين ۽ ٻاهرين معاملن کي پري رکيو ويو آهي.هن جي اهميت صرف ايتري سمجهي وڃي ٿي ته هو شريفن جو ويجهو آهي، ان سان گڏ هو پيپلز پارٽي جي چوٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جو مائٽ به آهي.!ممڪن آهي ته خاندان ۾ جيڪي ڳالهيون ٿينديون هجن، انهن کان خواجا آصف به فائدو وٺندو هجي.هن ڀيري نوازشريف ۽ ان جي خاندان جي حوالي سان موورز اينڊ شيڪرز پيپلزپارٽي وارا ناهن، انڪري خواجا آصف جو بي خبر رهڻ فطري ڳالهه آهي.
جنهن وقت ملڪ جي اعليٰ عدالت شريفن جي خلاف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ان وقت ٻن قسمن جون ڳالهيون سامهون آيون.هڪ طرف عمران خان جي وڪيل هي چيو ته نوازشريف آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ڪوڙ ڳالهايو، انڪري هو هاڻ وڌيڪ عرصو وزير اعظم جي عهدي تي رهي نٿو سگهي.جڏهن ته باقي مخالف ڌر ان ڳالهه تي ورهايل نظر آئي.عمران خان کانسواءِ باقي اپوزيشن جي سوچ جي خبر ان وقت پئي ، جڏهن ڄاڻايل ٻنهي آرٽيڪلز جي خاتمي تي سموري مخالف ڌر اتفاق ڪيو ،صرف پي ٽي آئي اڪيلي ميدان ۾ رهجي وئي.عمران خان ان حوالي سان چار مطالبا رکي ڇڏيا.آئين جو آرٽيڪل 62 ۽ 63 اهڙو آهي، جنهن تي ڪير به پورو لهي نٿو سگهي.هي جنرل ضياءَ جو ڏنل ”تحفو“ آهي ، جنهن کي ختم ڪرڻ جو ڪنهن سياسي پارٽي نه سوچيو، ايستائين جو پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت دوران جيڪو آئيني پيڪيج تيار ڪيو ويو، ان ۾ به ان آرٽيڪل کي نظرانداز ڪيو ويو.

JIT New still
نوازشريف ته جي آئي ٽي جي رپورٽ کي رد ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ان بنياد تي فيصلو آيو ته هو قبول نه ڪندا.نوازشريف ته جلسي کي خطاب ڪندي ايترو به چيو ته هن جا مخالف کائنس استعيفا جي خيرات گهري رهيا آهن.هر روز صبح جو کيس چيو ته وڃي ته نوازشريف استعيفا ڏئي،جڏهن هنن کيس ووٽ ئي نه ڏنو آهي ته پوءِ هنن جي چوڻ تي استعيفا ڇو ڏئي؟ هن امڪاني فيصلي جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.عام تاثر ته هي آهي ته نوازشريف جي خلاف جيڪڏهن طاقتور ڌرين ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ هو ڪنهن به تحريڪ هلائڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو.جيڪڏهن شريف کان ڳڙٻڙ ڪئي ته هنن کي وري ڪنهن ريل يا جيل جي ياترا ڪرائي ويندي.ڪي حلقا چون ٿا ته هي ماضي وارو نوازشريف ناهي، انڪري هو چاهي ته ملڪ جو سمورو وهنوار ٺپ ڪري سگهي ٿو.هي ممڪن ٿي سگهي ٿو ته شريف استعيفا ڏين ۽ 2018 جي چونڊ به پاناما ڪيس جي فيصلي جي آڌار تي وڙهن.شريف خاندان ڪڏهن به نه چاهيندو ته انهن جي مسند ڪو ٻيو سنڀالي. شيخ رشيد ته 40 ليگي ايم ايز جي شريفن کي ڇڏڻ جي اڳڪٿي ڪئي.جيڪڏهن ائين نه به ٿئي، ان جي باوجود شريف ڀائر خاندان کان ٻاهر ڪنهن به اڳواڻ کي وزير اعظم طور قبول نه ڪندا.جيستائين نوازشريف جي سياسي ڪيمسٽري جو واسطو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ واڳ ڌڻين جي دٻاءَ کي قبول نه ڪندو.نوازشريف جي سمورن دورن ۾ ائين ئي ٿيو.هاڻ به نوازشريف جي سياسي ڪيمسٽري تبديل نه ٿي آهي.
جيڪڏهن ڪا امڪاني تبديلي اچي پئي ته ان جو اشارو جي آئي ٽي ڪيس ٻڌندڙ هڪ جج به ڏنو.جج صاحب هي پڇيو ته نوازشريف جي مستقبل جو فيصلو ڪير ڪري سگهي ٿو؟ سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن يا قومي اسيمبلي جو اسپيڪر.؟ان تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته عدالت فيصلو ته ڏئي سگهي ٿي، پر عمل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻو آهي،جيڪڏهن نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، جنهن جا وڌيڪ امڪان آهن، ته پوءِ اعليٰ عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي حڪم ڏيندي ته اهو وزير اعظم جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، ان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري.اسپيڪر معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ئي موڪليندو. ان کانسواءِ هڪ ٻيو رستو هي آهي ته معاملي کي نيب ڏانهن موڪليو وڃي، پر ان جا امڪان گهٽ آهن، ڇاڪاڻ ته نيب جو ڪردار مشڪوڪ آهي.هي الڳ ڳالهه آهي ته نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي خاطري ڪرائي ته هو حديبيه پيپرز ڪيس ۾ لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ وارا آهن. هن ڪيس جو فيصلو لاهور هائي ڪورٽ پهريان ڏنو هو،جنهن ۾ شريفن کي آجو ڪيو ويو.ان ڪيس ۾ اسحاق ڊار جو اعترافي بيان موجود آهي،جنهن بابت ناڻي جي وزير جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ کانئس زبردستي بيان ورتو ويو هو،ڊار جڏهن يو اي اي حڪومت جو صلاحڪار هو ته هن کي ڪروڙين پونڊ پگهار ڏني وئي،جنهنجو ڪوبه ريڪارڊ ناهي.خاص ڪري ڊار ۽ يو اي اي حڪومت جي وچ ۾ طعي ٿيل ٽرمز اينڊ ڪنڊيشنز به ظاهر نه ڪيون ويون .لنڊن فليٽ جي خريداري ۾ نوازشريف ڦاٿل آهي، جنهن کي مني ٽريل سڏيو وڃي ٿو.قطر جي وزير اعظم شريفن کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو، ان سپريم ڪورٽ کي خط ته لکيا، پر شاهدي ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ نه آيو.ان تي عدالت ريمارڪس ڏنا هئا ته جيڪڏهن قطر جي شهزادن کي تلور جي شڪار جي دعوت ڏني وڃي ته هو بنا سوچڻ جي پاڪستان پهچي ويندا، پر نوازشريف کي بچائڻ لاءِ اچڻ لاءِ تيار ناهن.

JIT report 01JIT new00
اسلام آباد جا حلقا جيڪي عدالتن کان وٺي حڪومتي ايوانن تائين اثررسوخ رکن ٿا.انهن جو چوڻ آهي ته ستر سيڪڙو نواز شريف جي نااهلي جا امڪان آهن.شريفن جي پريشاني سمورا راز ٻڌائي ڇڏي ٿي.هنن کي يقين نٿي آيو ته ڳري مينڊيٽ واري وزير اعظم سان اهڙو حشر ٿيندو.هو پاڻ اعليٰ عهدي تي برقرار هوندو ۽ ان جي هوندي شريف خاندان جي خلاف احتساب شروع ٿي ويندو.اهي ادارو جيڪي وزير اعظم جا ماتحت آهن، انهن سڀني کي پاسيرو ڪري جي آئي ٽي جوڙي وئي، جتي ويٺل آفيسر به وزير اعظم جا ماتحت هئا، پر انهن کي سپريم ڪورٽ ايتري طاقت فراهم ڪئي ، جو انهن پنهنجي باس جا پگهر ڪڍي ڇڏيا.هاڻ سوال آهي ته شريفن کي پريشاني جا اختيار واقعي عدالت جا سونپيل هئا، يا ڪا ٻئي طاقت به پٺيان ٽريفڪ حوالدار جيان اشارو ڏئي رهي هئي؟.جيستائين شريفن کي حدن ۾ رکڻ جو معاملو آهي، ايستائين ته لڪل قوتون نظر آيون، پر هن کي گهر رواني ڪرڻ تائين جو ڪم انهن ڌرين جو آهي، جيڪي شريفن کان ناراض آهن.نوازشريف ، جي آئي ٽي جي سامهون ڪابه ڳالهه واضح نه ڪئي، هن اهو تاثر ڏنو ته هو کيس ڪجهه به ڪري نٿا سگهن،شايد هن جي آئي ٽي کي Underestimate ڪيو.ڪجهه حلقا اهو به چون پيا ته شريفن جي ٻار ن جي ڏوهاري ثابت ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن، پر نوازشريف پنهنجو مدو پورو ڪري ويندو.اهڙي صورتحال ۾ نوازشريف ڏندين ڀڳل شينهن هوندو، جيڪو شڪار ڪرڻ جي سگهه به وڃائي ويهندو. اهڙي عهدي تي رهڻ يا نه رهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ هن جي حالت بلڪل اهڙي آهي، جهڙي محترما بينظير ڀٽو جي ٿي هئي،هوءَ ملڪ جي وزيراعظم هئي ۽ ان جي موڀي ڀاءَ کي پوليس، سندس ئي گهر جي سامهون قتل ڪري ڇڏيو.هوءَ لڙڪ لاڙيندي، اچي ڀاءُ جي پيرانديءَ ۾ ويٺي هئي.! اهڙي وحشي رياست ۾ جيئڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ ڪيترو نه اوکو ڪم آهي!

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *