Thursday , April 25 2024

فوج جي نگراني ۾ بئلٽ پيپرز جي ڇپائي 20 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندي:بابر يعقوب

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار)   پاڪ فوج جي نگراني ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿي ويو آهي جيڪو 20 جولاءِ تائين جاري رهندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر يعقوب چيو ته اثاثا جمع نه ڪرائيندڙن کي ڪم کان روڪيو ويندو، چونڊ ضابطه مهم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اميدوارن کي نااهل ڪري سگهجي ٿو.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته فوج جي نگراني ۾ 3 ڪروڙ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿي ويو آهي ڪوشش هوندي ته مقرر وقت تي بيلٽ پيپرز پولنگ اسٽيشنز تائين پهچايا وڃن. بابر يعقوب جو چوڻ هو ته اڌ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ڪراچي ۾ جاري آهي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اميدوارن جي نالن ۽ چونڊ نشانن ۾ ڪا غلطي نه ٿئي. سيڪري اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان کان جڏهن ڪنهن جي بدلي يا مقرر بابت پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو ته اسان قانون موجب راءِ ڏيندا آهيون، 2014 جي جوڊيشنل انڪوائري کانپوءِ مانيٽرنگ جي نظام کي بهتر بڻايو آهي. بابر يعقوب چيو ته 20 جولاءِ تائين ڇپائي وارو عمل مڪمل ٿي ويندو، پيپرز جي نمبرنگ بعد بيلٽ پيپرز پولنگ اسٽيشنز موڪليا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *