Friday , April 19 2024

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو هڪ رولڙي جي ور چڙهي ويو

 Fazal rehman

پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري پارلياماني ڪميٽي جي بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، هاڻي پ پ جمعي ڏين 24 فيبروري واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، اجلاس ۾ پ پ پاران نويد قمرالزمان شريڪ ٿيندو. اڄوڪي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پنهنجا خدشا کليل نموني اجلاس ۾ پيش ڪندي.

ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو هو، خميس ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ پ پ شريڪ نه ٿي، جنهن بعد مولانا فضل الرحمان  ۽ اسحاق ڊار پ پ جي اعلي قيادت سان رابطو ڪري بائيڪاٽ ختم ڪرايو.

Naveed Qamar
فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو رولڙي جي ور چڙهي ويو آهي، اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر بنانتيجي جي ملتوي ڪيو ويو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آصف زرداري سان رابطي ۾ آهيان، هُو فوجي عدالتن واري معاملي تي اي پي سي گهرائڻ چاهي ٿو، شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي اڄوڪي اجلاس ۾ اڳڀرائي نه ٿي آهي.
فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو هڪ رولڙي جي ور چڙهي ويو آهي، فوجي عدالتن جي معاملي بابت پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن تي مشتمل ڪميٽي جو اجلاس بنا نتيجي جي ختم ٿي ويو آهي.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، قومي سلامتي بابت وزيراعظ۾ جي صلاحڪار ناصر جنجوعه، وفاقي وزير زاهد حامد، شيرين مزاري، شفقت محمود، نعيمه ڪشور جي يو آءِ، غلام احمد بلور ۽ الياس بلور شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ اسپيڪر اياز صادق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ قومي مفادن جو مسئلو آهي، جنهن تي سڀئي ڌريون متفق آهن، پر پيپلز پارٽي کي ڪجهه خدشا آهن جيڪي جلد ختم ڪيا ويندا.

Ayaz-Sadiq1
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن وارو معاملو جلد حل ڪيو ويندو، ان معاملي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان به مسلسل رابطي ۾ آهيان.
فضل الرحمان چيو ته، آصف علي زرداري هن معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ چاهي ٿو، پيپلز پارٽي قومي سلامتي ڪائونسل جي به جلد ۽ نئينس ر جوڙجڪ چاهي ٿي.
متحده پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، فوجي عدالتن واري معاملي تي حڪومت سنجيده نظر نه ٿي اچي، اُها هن معاملي تي صرف خانا پوري ڪري رهي آهي.
فاروق ستار چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اُها انتهاپسندي خلاف واضع پاليسي جو اعلان ڪري ۽ قومي سلامتي ڪميٽي به جلد کان جلد جوڙيو وڃي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت، پارلياماني اڳواڻن جي اڄوڪي اجلاس ۾ به اڳڀرائي نه ٿي سگهي ۽ اجلاس بنا نتيجي جي ختم ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *