Wednesday , April 24 2024

فواد چوڌري ن ليگ جي سينٽر مشاهدالله ۽ مخالف ڌر کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد( رپورٽر  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس دوران وفاقي وزير فواد چوڌري پاران مخالف ڌر جي ميمبرن کي چور ۽ ڌاڙيل سڏڻ تي سينيٽ چيئرمين جي هدايت تي مشاهد الله خان ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي ٻين ميمبرز کان معافي وٺي ڇڏي، ان کان اڳ فواد چوڌري جي سينيٽ ۾ اچڻ تي اپوزيشن جي سينيٽرز احتجاج ڪيو. سينيٽ جو اجالس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ جاري هو ته ان دوران وفاقي وزير فواد چوڌري جيئن ئي ايوان ۾ داخل ٿيو ته، مخالف ڌر احتجاج شروع ڪري ڏن. جنهن بعد سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي رولنگ ڏني ته فواد چوڌري مخالف ڌر جي ميمبرز کان معافي وٺي ۽ جيستائين هُو معافي نه وٺندو تيسيتائين کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جنهن تي  وفاقي وزير چيو ته مان  معافي نه وٺندس، مون چور کي چور ۽ ڌاڙيل کي ڌاڙيل چيو هو. ان تي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ظفرالحق چيو ته سينيٽ جي چيئرمين رولنگ ڏئي چڪو آهي هاڻي فواد چوڌري کي معافي وٺڻي ئي پوندي.

فواد چوڌري پاران معافي نه وٺڻ واري ڳالهه تي سندس ئي پارٽي جي سينيٽر ۽ قائد ايوان شبلي فراز چيو ته اسينيٽ چيئرمين جي رولنگ جو هر حالت ۾ احترام ڪري ان کي مڃڻو پوندو ۽ فواد چوڌري کي معافي وٺڻي پوندي، يا وري پنهنجي موقف جي مضبوط دليلن سان وضاحت ڪري. ان جي باوجود به سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري مسلسل سينيٽ چيئرمين جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين 15 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. سينيٽ جو اجلاس ٻيهر شروع ٿيندي ئي فواد چوڌري معافي ورتي پر ساڳي معاملي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته چيئرمين اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *