Saturday , April 20 2024

فواد چوڌري بيان ڏيندي ٺپ لڄي نه ٿو ٿئي: ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري کي پنهنجي يوٽرن وزيراعظم بابت بيان ڏيندي لَڄي به نه ٿو ٿئي پر اڃا وڌيڪ ٺينگ ٽپا ڏئي رهيو آهي، خبر نه آهي ته پي ٽي آءِ جا سينئر اڳواڻ ان ڳالهه تي خاموش ڇو آهن. وفاقي فواد چوڌري جي عمران خان جي يوٽرن واري بيانن جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ تي؛ ن ليگ جي مرڪزي ترجمان ردعمل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اپوزيشن حڪومت جي نااهلي ۽ عوام تي ڪيرايل مهانگائي جي بم تي گوڙ ڪندي آهي، اسان اهو گوڙ ڪندا رهنداسين. سندس چوڻ هو ته حڪومت غريبن جي وات مان گرهه کسي ورتو آهي، ان تي اپوزيشن ائين ئي گوڙ ڪندي رهندي، اپوزيشن 50 لک گهرن جي اڏاوت ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو سوال پڇندي رهندي. هن چيو ته عمران خان قوم کي جواب ڏئي ته عليما خان ملڪيت ڪنهن جي پئسي مان خريد ڪئي ۽ پاڪستان کان ٻاهر ڪيئن وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *