Friday , March 29 2024

فنڪشنل ليگ سنڌ جي اڳواڻ سائره نصير ڪار ۾ باهه ڏئي ساڙي قتل

حيدرآباد(خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار ) فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ سنڌ جي اڳواڻ سائره نصير شاهه کي اڻڄاتل جوابدار سندس ئي ڪار ۾ باهه ڏئي ساڙي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو ڏکيو ضرو آهي پر جوابدارن تائين پهچي وينداسين، سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق جاچ لاءِ اهم ماڻهن کان پڇاڳاڇا لاءِ اختيارين کان اجازت گهري وئي آهي پر اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو. حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي مان هڪ ڪار سڙيل حالت ۾ هٿ ڪئي وئي، جنهن مان هجڪ عوريت جو به لاش هٿ ب ڪيو ويو. سڙيل ڪار مان وري سڙيل حالت ۾ هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ فنڪشسنل مسلم ليگ عورتاڻي شعبي/ونگ سنڌ جي اڳواڻ سائره نصير طور ڪئي وئي، جنهن جي سڃاڻپ سائره نصير جي وارثن ڪئي. پوليس سڙي ويل لاش هٿ ڪري ايڌيءَ جي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال نيو ويو. واقعي بابت هوسڙي پوليس ڪار جو رجسٽريشن نمبر بي اي واءِ 572 سرچ ڪرايو ته گاڏي نمبر پليٽ رجسٽريشن مان پوليس کي پتو پيو ته ڪار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي اڳوڻي صدر سيده سائره نصير جي نالي ٿيل هئي، جنهن بعد عورت جي وارثن کي واقعي بابت اطلاع ڏنو ويو. اطلاع ملڻ بعد عورت جو مڙس ظهير شاهه سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهتو، جتي هن لاش جي سڃاڻپ پنهنجي زال سيده سائره نصير طور ڪئي، هوڏانهن عورت جي ڌيئرن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اسان جي ماءُ کي بيگناهه بيدردي سان ساڙي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس لاش جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس پاران عورت کي ساڙي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪندي قاتلن تائين پهچڻ لاءِ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ڪيو ويو.

پوليس موجب وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، ڪار مٿان پيٽرول هاري فنڪشنل ليگ جي اڳوڻي اڳواڻ کي ساڙي قتل ڪرڻ واري واقعي بابت علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هوسڙي موڙ تي قائم پوليس چوڪيءَ وٽ رات جو 3 وڳي ڪرولا ڪار نمبر بي اي واءِ 572 کي باهه لڳل هئي. ڪار کي لڳل باهه جا شعلا ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس 3 ڪلاڪ دير سان پهتي، ان وقت تائين ڪار مڪمل طور تي سڙي چڪي هئي، جنهن بعد پوليس جا اهلڪار پهتا، جيڪي مڪمل سڙيل ڪار جو معائنو ڪري واپس هليا ويا، جڏهن ته صبح جو ٻيهر پوليس وارا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ ٻيهر سڙيل ڪار جو جائزو ورتو ته ڪار جي پٺئين سيٽ تي سڙيل لاش پيو هو، جيڪو مڪمل طور تي سڙي ويو هو. جنهن کانپوءِ پوليس سڙيل لاش ڪار مان ڪڍرائي ڪپڙي ۾ ويڙهي ايڌي ايمبولينس ذريعي حيدرآباد سول اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي وئي، پوليس موجب ڪار جو نمبر سرچ ڪرائڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڪار جي رجسٽريشن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليڊيز ونگ سنڌ جي اڳوڻي صدر سيده سائره نصير جي نالي تي هئي. هوسڙي پوليس موجب ڪار ۾ ساڙي ماريل عورت سائره نصير حيدرآباد جي صدر واري علائقي جي رهواسڻ هئي. جيڪا گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي، ساڙي ماريل عورت سائره نصير حيدرآباد جي ڊفينس واري علائقي جي رهواسڻ هئي. سائره جون ٻه شاديون ٿيل هيون. پهرين مڙس جي طلاق کانپوءِ هن ٻي شادي ظهير شاهه سان ڪئي هئي. جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي، جڏهن ته سندس اڳوڻي مڙس مان ٻن ڌيئرن جو اولاد اٿس، عورت هينئر به پنهنجي مڙس ظهير ۽ سندس ڌيئرن کان الڳ رهندي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *