Friday , March 29 2024

فلسفه لفاظيات مظلوم پڙهندڙن لاءِ – رحمت الله ماڃوٺي

Rahmat

نوٽ: هن سلسلي جا ڪُل ٽي وزم آهن، جنهن کان پوءِ ڪورس مڪمل ٿيندو، مريض کي شفا نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊوز وڌائي سگهجي ٿو،هي ٻيون ڊوز آهي، صحت بهتر ٿي وڃي ته به ٽيون ڊوز لازمي وٺڻو آهي. هن فلسفه لفاظيات جي ڪا به قيمت ناهي ،خير جي ڪم ۽ ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ لاءِ،مظلوم مريضن کي مفت زوري پڙهائجي ٿو.

بند ڪري مان نڪري ڪڏهن اُڀرندي ۾ اُلهندڙ سج کي راسيون رتيندي تون ڏسين ها ته ڄاڻين ها، سڄي ڏينهن جي ٿڪل سج کي پٺاڻن جا ٻار ڪيئن چڪي لاهي وٺندا آهن ؟ وايو منڊل نسوار جي واس سان ڪيئن واسجي ويندو آهي. ڳاڙهن سڱن سان ڪاريون ڳئون ڪيئن وٿاڻن ڏي ورنديون آهن ۽ سندن پنڌن تان اڏامندڙ چيڪي مٽيءَ تي ڳوٺ جا خوبصورت ڪوئا خُمارجي، ڪيئن بدمست ٿي ٽانءِ ٽانءَ ڪري جلترنگ جهڙا سُر فضا ۾ وکيري ڇڏيندا آهن، ڇا تو انهيءَ ٽان ٽانءِ تي ڪڏهن ڪا ڪهاڻي لکي ؟ ڀٽائي وانگر ڪو غزل لکيو آهي؟ابراهيم منشي جيئن ناول لکيو؟

اي بند ڪمري جا باندي! تو ته ”ڳاڙهن سڱن“ جي تاريخ به ناهي پڙهي، توکي ڪهڙي خبر ته مال کي سامهاڙو ٿيندو آهي ته سڱن تي رنگ هاربو آهي پر تو ڪڏهن پاڏو ڏُڌو هجُي ها ته تون ڄاڻين ها!

توکي ان چُميءَ جي به ڪهڙي خبر جيڪا سچل سرمست بي قابو ٿي مُراد عليءَ کي پاتي هئي پر تو ٺٽي جي سونارا بازار ڏٺي ئي ناهي ،تو ڪڏهن سونارن کان ڇير ٺهرائي سنڌ جو سوچيو؟.تو ته ٺٽي جي شام ۾ مُگري جا گجرا کڻي،گُلابن جي خوشبوُ وکيريندڙن کان به ڪڏهن ناهي پڇيو ته بگهاڙ موريءَ جو ڀاڙو گهڻو آهي ۽ آدم هالي جي هوٽل ڪٿي آهي؟ ڇا تو ڪڏهن سوزوڪيءَ جي ڇت تي ويهي سفر ڪيو آهي؟ پوءِ توکي ڪهڙي خبر سنڌ ڇا آهي مِٺا!

تو ته ڪڏهن اينيمل هسبنڊري يعني جانورن جي اسپتال واري سرڪاري پاڏي جي ڀاڳن تي به ناهي سوچيو،تون ڇا ڄاڻين ته صبر جا ڀاڙا گهر ويٺي ڪيئن ملندا آهن!

توکي ته اها به خبر ناهي ته وَر ۾ گاسليٽ جي پينٽ لڳل انقلابين جا پنڌ ڪيڏا پري ۽ خيال آسمانن ۾ ڇو اُڏرندا آهن؟ سج لهڻ سان نظرين جو خمار ڪيئن سامريءَ جو منتر بنجي ويندو آهي ۽ سينيئر انقلابين جي ليڪچر تي، نوجوان اُڀرندڙ انقلابين جا پير ڪيئن اُڀ کي ڪِرڻ کان بچائي . ڏندن تي ڏيئي ،تاريخ تخليق ڪندا آهن؟ پر توکي ڪهڙي خبر، توکان ته ڪڏهن سترهين جو کوڙو به ياد ناهي ٿيو. اي وطن جا ويري! تون ته انقلابين جي ورن ۾ لڳل گاسليٽ جي پينٽ کي به سُوم رس ۽ کين ڀٽائي جي سُر موکيءَ وارا متارا سمجهي سامراج سان سازباز ۾ رهندو آهين!! آئون کلان يا روئان تنهنجي ذهني پَستيءَ تي ، يا توکي سمجهايان ته اي مورک!گاسليٽ کي مٽيءِ جو تيل چئبو آهي ۽ اسان جي مٽيءَ سان محبت ازلي ابدي ۽ لازوال آهي. مٽيءَ جو معطر تيل، ايم اين اي جي ڪارڊ وانگر پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهيون ته جيئن ٽريفڪ پوليس روڪي ته کرڙي۽ مياڻي مچائي،” فرينچ هوشوءَ“ وارو سرائيڪي نعرو، آئيني ترميم سان هڻي سگهون ته” مرويسون پينٽ نه ڏيسون“. مورک!تون ته پينٽ کي به پتلون پيو سمجهين پر اهڙي ڪا ڳاله ناهي، اسان ته ڪنهن ڪنواري ڪنيا جي سپنن جا اهي شهزادا آهيون جيڪي، ڪنهن ڪاڻي سازشي وزير جي اڪيلي نياڻيءَ کي راڻي بڻائڻ چاهيندا آهيون پر هوُ ظالم وزير، سڱ جا وڏا پئسا گهرندو آهي ۽ ڪيلي واري ٺيڪيدار جي نالائقي ۽ مهل تي، نه وَهڻ ڪري اسان دردن سان ناتو جوڙي وٺندا آهيون، پر تون ڇا ڄاڻين! تو کان، ڪڏهن نيل ڪٽر سان، نهن سان گڏ، کل ڪٽجي وئي هُجي ها ته تون ڄاڻين ها ته عشق جو درد ڇا آهي! پر تو ڀٽائيءَ جي انگريزي شاعري پڙهي ناهي، توکي ته اها به خبر ناهي ته دولھ دريا خان جي سُڃاڻپ ڪارڊ تي نادرا سندس ذات واري خاني ۾ ڇا لکيو آهي۽ جڏهن مون کان سوال ٿو ڪرين تڏهن اهو ڇو نٿو سوچين ته مونکي ٻنهي ڏاٺن ۾ سُور آهي ۽اهڙي حالت ۾ به تون، مون کي ڪيلو کارائي ٿو پڇين ؛ چاچا! ڪر خبر، موسمبيءَ کٽي ته ڪانهي؟

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *