Tuesday , April 16 2024

فضل الله پيچوهو به نيب جي نشاني تي اچي ويو

فضل الله پيچوهو به نيب جي نشاني تي اچي ويو، زمين الاٽمينٽ جي الزام هيٺ نوٽيس جاري

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) آصف زرداري جو ڀيڻيويو ۽ اڳوڻو صوبائي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو نيب جي نشاني تي اچي ويو آهي، بورڊ آف روينيو ۾ مقرري دوران غيرقانوني طريقي سان زمين الاٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ سندس خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجوب نيب فضل الله پيچوهو کي نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف علي زرداري جي ڀيڻيويي خلاف نيب هڪ وڌيڪ ڪيس ۾ جاچ شروع ڪري ڏني آهي، جنهن ۾ مٿس الزام آحن ته هُن سنڌ بورڊ آف روينيو جي سينئر ميمبر طور مقرري دوران ڪشمور ۾ سرڪاري زمين غير قانوني طريقي سان الاٽ ڪئي هئي، جنهن سان قومي  ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو هو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق نيب ڊائريڪٽوريٽ سکر پاران فضل الله پيچوهو کي ڄاڻايل الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ ن وٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، نوٽيسز سندس ڪراچي واري گهر جي ڏس پتي تي اماڻيا ويا آهن.

صحت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي، مٺي ۾ فوتي ٻار جو لاش کڻڻ لاءِ ماءُ چندو گڏ ڪيو، اسلام آباد ۾ بلاول پاران والد جي علاج لاءِ ميڊيا آڏو دانهون

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *