Friday , March 29 2024

فضل الرحمان کي ايم پي او تحت نظربند ۽ جي يو آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون تي غور

فضل الرحمان سميت جي يو آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، فضل الرحمان کي ايم پي او تحت نظربند ڪري، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ جي يو آءِ اڳواڻن خلاف ڪاررواين جو امڪان

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) مولانا فضل الرحمان پاران حڪومت مخالف مارچ جي اعلان کانپوءِ تحريڪ انصاف سخت پريشاني ۾ وٺجي وئي آهي، حڪومت پاران فضل الرحمان خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلي ڪندي جي يو آءِ جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان پاران 27هين آڪٽوبر کان اسلام آباد طرف آزادي مارچ ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ وفاقي حڪومت پريشانين جي ور چڙهي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي هارڊ ڪور پاران فضل الرحمان سميت جي يو آءِ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ واري صلاح کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاران پارٽي اڳواڻن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن، پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ پهرين مرحلي ۾ مولانا فضل الرحمان جو گهيرو تنگ ڪرڻ تي اتفاق ڪندي وزيراعظم کان ڪارروائي لاءِ اجازت وٺي ڇڏي آهي.

امڪان اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مولانا فضل الرحمان خلاف پراڻا ڪيس کوليا وڃن، جنهن لاءِ ڪي پي جي وڏي وزير، صوبائي گهرو وزير، ايف آءِ اي سيمت لاڳاپيل ادارن کان معلومات وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذميواري بابر اعواڻ جي حوالي ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مولانا فضل الرحمان کي امن امان ۾ خلل وجهڻ واري الزام هيٺ ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ واري آپشن تي به ويچاريو پيو وڃي، ان سان گڏ جي يو آءِ جي پهرئين ۽ ٻئي درجي واري قيادت سميت سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ جي يو آءِ جي سرگرم مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به مختلف طريقن سان دٻاءَ هيٺ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ئي سلسلي جي ڪڙي طور ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور اسلام آباد ۾ قانوندان بابر اعواڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم جي ميڊيا بابت خصوصي معاون افختار دراني به موجود هو. ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان خلاف قانوني ڪارروائي جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. وفاقي وزير علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان خلاف قانوني نقطن بابت اڄ پريس ڪانفرنس به ڪندو. واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد ڏانهن آزادي مارچ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *