Friday , April 19 2024

فضل الرحمان پاران ڪارڪنن جي ٻي کيپ اسلام آباد گهرائڻ جو فيصلو،ڌرڻو ڪيڏانهن ويندو؟

فضل الرحمان پاران ڪارڪنن جي ٻي کيپ اسلام آباد گهرائڻ جو فيصلو، پهرين مرحلي ۾ سنڌ مان ڪارڪنن گهرايا ويندا

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) اسلام آباد ۾ جاري جي يو آءِ جو ڌرڻو وڌيڪ ڊگهو ڪرڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪارڪنن جي ٻي کيپ کي تيار ڪري ورتو آهي، ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي مختلف مرحلن ۾ واپس ڪري ٻين ڪارڪنن کي گهرائڻ جو پلان جوڙي ورتو آهي. جمعيت علماءَ اسلام پاران وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ ۽ نين چونڊن واري مطالبي جي مڃتا لاءِ اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻي کي نتيجا حاصل ڪرڻ تائين جاري رکڻ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ ۽ مولانا فضل الرحمان جي ويجهن ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، گذريل ٻن ڏينهن دوران جي يو آءِ جي مجلس شوريٰ جي ٿيل چئن کان وڌيڪ اجلاسن دوران، پيپلز پارٽي توڙي نون ليگ پاران ڪارڪنن کي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ نه موڪلڻ ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي ٿڪائڻ توڙي  بدظن ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نئين حڪمت عملي  جوڙي وئي آهي. جي يو آءِ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي مرحليوار واپس پنهنجن علائقن ڏانهن موڪلڻ ۽ اتان وري ٻيا ڪارڪن ڌرڻي ۾ گهرائڻ واري تجويز تي عملدرآمد شروع ڪرڻ لاءِ مختلف ضلعن جي پارٽي اڳواڻن کي ذميواريون سونپيون ويون آهن. مولانا فضل الرحمان ، جي يو آءِ جي مجلس شوريٰ جي فيصلي تحت پهرين مرحلي ۾ سنڌ مان عمل شروع ڪيو ويندo. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مولانا فضل الرحمان پاران 20 نومبر تائين ڪو به اهم ۽ حيران ڪندڙ فيصلو ڪري سگهي ٿو،.

حڪومت ۽ سول بيورو ڪريسي ۾ تڪرار، ڪهڙو رخ اختيار ڪندو

 ذريعن جي دعويٰ موجب حڪومت، اسٽبلشمينٽ ۽ سول بيوروڪريسي وچ ۾ به تڪرارتيز ٿي ويو آهي. سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وزيراعظم عمران خان پاران گذريل ٻن هفتن دوران جاري ڪيل اهم هدايتن تي عملدرآمد ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪايا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت سطح تي انتهائي اهم نوعيت جا معاملا رولڙي جو  شڪار ٿي ويا آهن، جيڪي ڪوششن جي باوجود سِڌا ٿي ناهن سگهيا. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق اهم نوعيت جي معاملن بابت  وزيراعظم جي تجويزن کانپوءِ لاپايل اختيارين پاران نوٽيفڪيشن / واپسي جا خط جاري ڪري لاڳاپايل اختيارين ذريعي منظور ڪرائي  ته ويا آهن، پر ڪجهه ڌريون ان هن کلي عملي جامون پارائڻ ۽ خيرخوبي سان معاملا حل ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪائي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جي حگھڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان، صد ڊاڪٽر عارف علوي ڏکيائين کي منهن ڏئي سگهن ٿا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انهن معاملن  ۾ رڪاوٽ جو اهم حصو آهي، جيڪو آئيني، قانوني ۽ پارلياماني معاملن ۽ پيچيدگين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو، جنهن وزيراعظم کي اهم فيصلن ڪرڻ کان پهريا سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي پر بدقسميتي سان وزيراعظ۾ ان تي عمل نه ڪيو هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اُها ڇڪتاڻ پهرين مرحلي تي وزيراعظم پورٽل تي ايندڙ  شڪايت جو صحيح ازالو نه ڪرڻ، وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ صحي رخ ۾ گائين نه ڪرڻ  تي وزيراعظم عمران خان پاران سخت ڪاوڙ جو اظهاري ڪري معاملي جي جاچ جو به حڪم ڏئي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *