Friday , April 19 2024

فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن، عدالت ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر      سنڌ سماءَ چار)  ڪراچي جي احتساب عدالت فشرمين ڪوآپريٽيو سوسائيٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن بابت ريفرنس منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪيس ۾ جوابدار سلطان قمر جون درخواستون گڏ ڪرڻ هو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت جي انتظامي جج فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن واري معاملي بابت ريفرنس منظور ڪندي نيب ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو ۽ ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران نثار مورائي، سلطان قمر صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته سلطان قمر خلاف ٻه ريفرنس آهن جن مان هڪ تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي. اهڙي آگاهي کانپوءِ چيف جسٽس ٻئي درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوابدارن تي 32 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *