Friday , April 26 2024

فريال ٽالپر دبئي ۾ ڪنهن جي ملڪيتن جا اٽارني پاور پنهنجي نالي ڪيا،خورشيد شاهه به ملڪيتون لڪايون

سکر (رپورٽر سنڌسماءَچار) آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر جي نامزدگي فارم بحال ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي، نثار کهڙو، خورشيد شاهه خلاف به اپيلون داخل ڪيو ويون آهن. درخواست گذار ايڊووڪيٽ قادر بخش ڀٽي جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر دبئي ۾ پنهنجي ملازمن جي نالي تي ملڪيتون خريد ڪري اٽارني پاور پاڻ وٽ رکيو آهي. هڪ وڪيل قادر بخش ڀٽي، فريال تالپر خلاف اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست گذار قادر بخش ڀٽي جو چوڻ آهي ته، فريال ٽالپر نامزدگي ڪاغذن ۾ دبئي جي ملڪتين جا تفصيل شامل ناهن ڪيا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته، فريال ٽالپر دبئي ۾ پنهنجي ذاتي ملازمن جي نالي تي ملڪيتون خريد ڪيون، جن سمورين ملڪيتن جا اٽارني پاور پنهنجي نالي تي رکيا آهن، جيڪي ملڪيتون اصل ۾ سندس ئي اثاثا آهن.

درخواست ۾ ٽربيونل کي اپيل ڪئي وئي آهي ته، فريال ٽالپر نامزدگي ڪاغذن ۾ اهي ملڪيتون ظاهر ناهن ڪيون، انڪري سندس فارم رد ڪري اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. سکر جي تحريڪ انصاف نامزد اميدوار طاهر شاهه ۽ قاسم ڪانڌڙو اليڪشن ٽربيونل ۾ خورشيد شاهه خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست گذار طاهر شاهه ۽ قاسم ڪانڌڙو جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه پارليامينٽ ۾ ٻيا ۽ اليڪشن ۾ ٻيا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، انهن ٻنهي ملڪيتن ۾ فرق آهي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه اثاثا لڪايا آهن، انڪري سندس سندس نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن. پي ايس 45 تي پ پ اميدوار شاهد عبدالسلام ٿهيم جي نامزدگي فارم کي ووٽر محمد حسن ڇٽو پاران اليڪشن ٽربيونل ۾ گهٽ اثاثا ظاهر ڪرڻ تي چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته شاهد عبدالسلام ٿهيم گذريل حڪومتن ۾ جيڪا ملڪيت ٺاهي، اها اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن. اليڪشن ٽربيونل سکر اعتراض منظور ڪندي شاهد عبدالسلام ٿهيم کي 25 جون تي طلب ڪري ورتو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *