Tuesday , April 23 2024

فريال ٽالپر به يو اي اِي جو اقامو رکندڙ نڪتي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر وٽ به يونائيٽيڊ عرب امارات (يو اَي اِي ) جو اقامو سامهون اچي ويو آهي. اقامي مطابق فريال ٽالپر يو اي اي جي هڪ نجي ڪمپني جي ڊائريڪٽر آهي. فريال ٽالپر جي اقامي بابت لاڙڪاڻي جي معظم عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن   ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، فريال ٽالپر پنهنجو اقامو ظاهر نه ڪيو هو ۽ اڄ تائين ان کي لڪائيندي رهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي درخواستگذار معظم عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته،  فريال ٽالپر کي جولاءِ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

لاڳاپيل هي خبر به پڙهي سگهو ٿا

اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال کانپوءِ منظور وساڻ ۽ ناصر شاهه جا به اقام نڪري آيا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *