Saturday , April 20 2024

فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن، لطيف يونيورسٽي جي وي سي پاران پنهنجي ئي بيانن جي ترديد

ڊاڪٽر پروين شاهه وي سي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر پروين شاهه، يونيورسٽي جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن واري معاملي تي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل بيانن جي پاڻ ئي ترديد ڪري ڇڏي آهي، وي سي پروين شاهه ڊينز جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، “فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن وارو مسئلو ڪنهن به ٻاهرين ڌر جي مداخلت کانسواءِ حل ڪيو ويندو”.

(جڏهن ته پروين شاهه ۽ سندس حمايتي حڪومت ڌر جي ماڻهن پاران شاگردن جي احتجاج دوران چيو هو ته فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن ٿي وئي آهي)

رپورٽ موجب شاهه عبدالططيف يونيورسٽي جي سمورين فيڪلٽيز جي ڊينز جو اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر پروين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران ڳالهائيندي پروين شاهه چيو آهي ته فارميسي شعبي جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي ڪنهن به غير واسطيدار ماڻهن جي مداخلت بنا حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر فارميسي شعبي جي ليبارٽري جي سامان جي جلد خريداري ۽ تعميراتي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر کي هدايتون جاري ڪيون. ڊاڪٽرمير منصف ٽالپر وائيس چانسلر کي فارميسي شعبي جي باري ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته سمورو ڪم مقرره وقت تي مڪمل ڪيو ويندو. وائيس چانسلر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته فارميسي شعبي جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي ڪنهن به غير واسطيدار ماڻهن جي مداخلت بنا حل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته معاملي ۾ ڪنهن ۾ غير ضروري سياسي دٻاءُ يا غير واسطيدار ماڻهن جي مداخلت کي برداشت نه ڪيو ويندو. وائيس چانسلر ڊينز تي زور ڀريو ته هو شام جي وقت هلندڙڪلاسن جو به باقائده جائزو وٺن ۽ ڪلاسن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا وڃن. وي سي پروين شاهه چيو ته اسان تعليمي ماهر آهيون ۽ اسانجو فرض آهي ته اسان پنهنجي محققن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هر قسم جون تعليمي سهولتون ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *