Friday , March 29 2024

غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ پوليس کي اخيتار ڏنا وڃن: مراد علي شاهه

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته، سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس کي اختيار ڏنا وڃن، زمينن تي قبضا ڪندڙ ٽولا ڪيترا به بااثر هجن سندن خلاف هر صورت ۾ ڪارروائي ڪبي، ڪوشش آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن اڪلائڻ لاءِ ڌار عدالتون قائم ڪيون وڃن، ڊي جي رينجرز چيو آهي ته، اسٽريٽ ڪرمنلز کي به سخت سزائون ملن ته ان جا مثبت ۽ تڪڙا نتيجا ملي سگهن ٿا. سنڌ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته زمينن تي قبضن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري، مدرسن بابت قانون سازي ڪئي ويندي. اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙو، سڌ سماءَ وارو وزير سيد ناصر شاهه، گهرو وزير سهيل انور سيال، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ،  ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا، ڊي جي رينجرز سنڌ محمد سعيد، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز سميت لاڳاپيل اختيارين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ذميوار عملدار شريڪ ٿيا.

مختلف معاملن تي بريفنگ دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سيف سٽي رٿا لاءِ نگران ڪاميٽي جوڙي رهيا آهيون، ان ڪاميٽي ۾ رينجرز، پوليس ۽ ٻين ادارن مان ميمبر چونڊيا ويندا، جيئن ئي سمورا نالا ٿيندا ته اسان آگاهه ڪري ڇڏينداسين. سائبر ڪرائيم تمام سنگين مسئلو آهي، ان حوالي سان پوليس ۽ رينجرز پنهنجون سفارشون پيش ڪن. هن چيو ته گهرو وزارت سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسٽريٽ ڪرائيم مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ تي زور ڀريندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنهن به صورت ۾ ضابطو آندو ويندو.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن جي ٽرائل لاءِ الڳ عدالتون قائم ڪيو وڃن. هن چيو ته اسان کي ڪيسن جي درجا بندي ڪرڻي پوندي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ان آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي. ڊي جي رينجرز اجلاس کي ٻڌايو ته هڪ ڀيرو اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهارين کي سنگين سزائون ڏنيون وڃن ته معاملو ضابطي ۾ اچي ويندو ۽ هن وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل اپيڪس ڪاميٽي جي فيصلي مطابق چوٿين شيڊول جي لسٽ اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي. آءِ جي پوليس مدرسن جي رجسٽريشن، تعمير لاءِ قانوني مسودو تعليم، صنعت ۽ اوقاف کاتن ڏانهن موڪليو آهي، جيئن ئي اهو قانوني مسودو تيار ٿيندو ته وڏي وزير جي منظوريءَ سان ان کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته قبضي مافيا ۾ دهشتگرد، منظم گروهه ۽ پروفيشنل قبضي مافيا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام جي سرڪاري زمين حڪومت وٽ امانت آهي ۽ جيڪڏهن اسان ان امانت کي سنڀالي نه سگهياسين ته اها تمام افسوس جوڳي ڳالهه هوندي. اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس دوران آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ 25 لک غيرقانوني پرڏيهي موجود آهن. وفاق کان غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي جو اختيار سنڌ پوليس کي ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين ۾ افغاني، برمي، بهاري، بنگالي ۽ ٻيا شامل آهن، اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته غير قانوني رهندڙ پرڏيهي اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين وارداتن ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن، اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته وفاقي گهرو وزارت کي درخواست ڏني وئي آهي ته سنڌ پوليس کي اختيار ڏنو وڃي ته اها صوبي ۾ رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري سگهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پوليس کي اختيار ڏنا وڃن ته اها غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف بهتر قدم کڻي ۽ انهن غيرقانوني پرڏيهين مان ڇوٽڪارو حاصل سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته اسان اسٽيٽ بئنڪ کي چيو آهي ته بئنڪن جي سيڪيورٽي لاءِ ايس او پي تي عمل ڪيو وڃي ۽ بئنڪ وارداتن خلاف حڪومت اهم اپاءَ ورتا آهن.

وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان ملاقات ڪري ايس او پي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي وڃي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته 83 هاءِ پروفائل قيدين کي جن ۾ 52 يو ٽي پيز، 18 ڏوهاري ۽ 13 سزا يافتا قيدين کي ڪراچي مان ٻين شهرن جي جيلن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ٻين 137 قيدين جن ۾ (69 يو ٽي پيز، 50 ڏوهاري ۽ 18 سزا يافتا قيدي) ڪراچي کان ٻين شهرن جي جيل ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سينٽرل جيل کان ڀڄي ويل قيدين جا ڪيس تمام سنگين آهن، سنگين ڪيسن جي انتهائي پروفيشنل ريت جاچ ڪئي وڃي، مثالي سزائون انهي وقت ممڪن آهن، جڏهن جاچ منصفاڻي ٿيندي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي امن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سندس ڪنهن جي سياست تي ڪوبه اعتراض نه آهي پر ڪنهن کي به انتشار پکيڙڻ نه ڏنو ويندو.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته منشيات فروشن، گهوسٽ ملازمن خلاف ڪارروائي، ڪار ۽ موٽرسائيڪل ڦر يا چوري جي ڪيسن کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته 1038 فور وهيلرز، 18337 ٽو وهيلرز ۽ 17184 موبائل ڦر يا چوري جا ڪيس هن سال داخل ٿيا آهن. ڊي جي رينجرز چيو ته رينجرز 1088 اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ 472 ڌاڙيل گرفتار ڪيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *