Saturday , April 20 2024

غوثپور ۾ برادري جهيڙي ۾ 3 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا

غوثپور ۾ برادري جهيڙي ۾ 3 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا، لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واقعي جي هنڌ پيل رهيا، پوليس بيوس ۽ لاچار بڻجھي وئي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر سنڌسماءَچار) غوثپور ۾ برادري تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ هٿيارن جا منهن کُلي ويا، 10 ورهين جي نينگري سميت 3 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا، مارجي ويلن جا لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واقعي هنڌ پيل رهيا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، واقعي واري هنڌ وڃڻ جي همٿ نه ڪري سگهي، غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار. غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ جي ڪچي واري علائقي ۾ خوني جهيڙي معصوم ٻارڙيءَ سوڌو ٽن ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. جاگيراڻي ۽ لولائيءَ برادريءَ جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جيئن جو تيئن برقرار آهي. جهيڙي دوران جديد هٿيارن جي فائرنگ ۾ 10 ورهين جي مومل ڌيءُ محمد جاگيراڻي، نوجوان هزارو لولائي ۽ 40 سالن جو علي محمد جاگيراڻي قتل ٿي ويا.

ڌُرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان سائو لولائي ۽ جاگيراڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي آهي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ۽ ماڻهو خوف ۾ وڪوڙجي ويا آهن، پوليس جهيڙو ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو، ڇتڪاڻ سبب لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. علائقي واسين فوري طورخوني جهيڙو روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري فائرنگ دوران ماڻهن جو ساهه سُڪي ويو ۽ گهرن تائين محدود ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌُرين ۾ پُراڻي زميني تڪرار تان خوني جهيڙو ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *