Friday , April 19 2024

غلاضت وارو پاڻي پيئندڙ سنڌ ۔ سهيل ميمڻ

suhail

ڇهه مهينن کان مٿي وقت گذري چڪو آهي جو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ۾  پيئڻ جي پاڻي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن رپورٽ ڏني هئي ته سڄي سنڌ گٽر جو پاڻي پي رهي آهي۔ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سنڌ حڪومت ان رپورٽ آڌار هنگامي اپاءُ وٺي ها ۔ ذميوارن  کي سزائون ڏجن ها۔  ، پاڻي جي فراهمي بهتر ڪجي ها پر بجاءِ عدالت جو ٿورو مڃڻ جي  سنڌ حڪومت سنڌ واسين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ته فراهم نه ڪيو رهندو سنڌ جو ايڊوڪيٽ جنرل عدالت ۾ مسلسل اهو بيان ڏيندو رهيو ته صورتحال بهتر آهي ۽ اهڙو ڪجهه ناهي ته سنڌ ڪو گٽرن جو پاڻي پي رهي آهي۔ ڳالهه اتي ئي بس نه ٿي ذميوار ڌرين جي وزيرن ڪميشن جي ڪيترن حڪمن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ رويو پٽيشن فائيل ڪيون  آهن۔ جيتوڻيڪ اهو سندن حق آهي پر اخلاقي طور عوامي ڀلائي واري حڪمن کي چيلنج ڪرڻ ڪيترو درست آهي اهو فيصلو عوام پاڻ ڪري۔

ٿيڻ ائين گهربو هو ته  قانوني معاملن ۾ رهنمائي لاءِ مقرر ايڊوڪيٽ  جنرل سنڌ حڪومت  کي ٻڌائي ها ته پيئڻ جي پاڻي جو معاملو آهي اهو به عام ۽ غريب ماڻهو جو ، امير ماڻهو ته  پيسن سان پاڻي خريد ڪري پي ٿو وٺي ان لاءِ ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪندي سخت قدم کڻي سنڌ کي پيئڻ جو صاف پاڻي  فراهم ڪيو وڃي پر ائين نه ٿيو ۽ هاڻي ڪميشن آڏو  هڪ ٻي رپورٽ آئي آهي ته جيڪا سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري جمال مصطفٰي سيد جي سربراهي ۾ قائم ٽاسڪ فورس پيش ڪئي آهي   ٽاسڪ فورس جي ميمبر پاڻي ماهر ڊاڪٽر غلام مرتضٰي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته چڪاس بعد سنڌ جي چوڏهن ضلعن ۾ 83 سيڪڙو پاڻي انساني حياتين لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت  آهي۔ انهن  ضلعن ۾ پاڻي جي سيمپلز جي مائيڪرو بائلاجيڪل ۽ فزيو ڪيميڪل چڪاس ۾ ثابت ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ 90 سيڪڙو  پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي ۽ 33 سيڪڙو پاڻي ۾ گٽر جي پاڻي جي ملاوٽ  ملي آهي۔ ٺٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ 75 سيڪڙو  گٽر جي پاڻي جي  ملاوٽ  ملي آهي۔ لاڙڪاڻي جو 88 سيڪڙو پاڻي انساني استعمال لائق ناهي ۽ ان پاڻي ۾ 60 سيڪڙو گٽر جي پاڻي جي موجودگي  ملي آهي۔ ڄامشوري ۾ 36 ۽ ٽنڊو ۾ محمد خان ۾ 30 سيڪڙو گٽر جي پاڻي جي موجودگي  ملي آهي ۔ ٽندو اللهيار  ۾ 23 ، بدين ۾ 12 ۽ ميرپورخاص ۾ 33 سيڪڙو پاڻي ۾ گٽر جو پاڻي مليل آهي۔  جن 14 ضلعن جي پاڻي جي چڪاس جي رپورٽ  پيش  ٿي آهي انهن ما صرف ٿرپارڪر جي پاڻي ۾ گٽر جي پاڻي جي موجودگي جو تناسب گهٽ آهي۔ سنڌ جي انهن 14 ضلعن مان اسپتالن مان پاڻي سيمپل کنيو ويو  ۽ ٽيسٽ  بعد خبر پئي ته 88 سيڪڙو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

Gutter 3

 ڪميشن جي ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ اهڙي رپورٽ جي جواب ۾ سنڌ حڪومت جو  بچاءُ ڪندي فرمايو ته ڪجهه  پاڻي جي لائينن جو مسئلو آهي يعنٰي ڪٿي ڪٿي  نلڪا ڀڳل آهن ۔ان تي جسٽس اقبال ڪلهوڙي  ضمير گهمرو کان پڇيو ته ڀلا ڪو هڪ علائقو ٻڌايو جتي صاف پاڻي مهيا ٿيندو هجي  ، ڪا هڪ رپورٽ ؟۔ ايڊوڪيٽ جنرل صاحب ڪميشن ۾ سنڌ  جي ڪنهن هڪ  به ڳوٺ، شهر، وستي ، واهڻ جو جو نالو پيش نه ڪري سگهيو جنهن ۾ عام ماڻهون کي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو هجي۔ مان کي حيرت آهي  اهڙي رپورٽن تي تشويش، ڏک۔ ڪاوڙ بلڪه ماتم ڪرڻ   انهن سان سهمت ٿي ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي عبرت ناڪ  سزائون ڏيارڻ بجاءِ بجاءِ انهن رپورٽڻ کي  رد ڪرڻ ۽ رد ڪرائڻ لاءِ محنت ڪيئن پئي ڪئي وڃي؟

Gutter 1

 سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻي ڪميشن سنڌ جو دورو ڪري پاڻ هڪ هڪ شهر گهمي صورتحال ڏسي ٿڏي تي حڪم ڪڍيا۔ پر هن مهل تائين ڪو به حڪم لاڳو ٿي ناهي سگهيو۔ حيدرآباد جو واڌو واهه ساڳيو گٽر بڻيل آهي ته وري  ٽاسڪ فورس جي رپورٽ ساڳي ڪميشن ۾ پيش ٿي آهي ته سنڌ جا ماڻهون جيڪو پاڻي پيئن ٿا اهو 6 مهينا اڳ واري پاڻي کان به انتهائي خراب آهي۔

معاملي جي نوعيت انتهائي حساس آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي شايد خبر نه پوندي هجي پر اسان جا پيارا بيمارين ۾ ورتل آهن، موتمار مرضن ۾ ورتل آهن ته ان جو وڏو سبب اهو پيئڻ جو گٽر جو پاڻي آهي جنهن جي سڌي ذميوار سنڌ حڪومت آهي۔ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل شهاب اوستو  صاحب  ا ن ڪميشن آڏو گذريل اٺ شنواين دوران انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو هي۔ پر هر شنوائي تي شام جو ڪميشن جي سڄي  ڏينهن جي ڪاروائي حڪمن واري رپورٽ  ۾  سندس بيان  ، دليل ۽ حوالن جو ڪو ذڪر نه هجي ٿو۔ هڪ وڪيل ان معاملي کي ٽيڪنيڪلي سمجهي سگهي ٿو ته اهو  ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ مترادف آهي۔ ڪميشن جا سنڌ حڪومت ڪي به حڪم ناهن مڃيا۔ سڀ ڪم اڌورا آهن ۽ ان جو نتيجو اهو آهي ته ساڳي ڪميشن ۾ ٻي رپورٽ آئي آهي ته سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي صورتحال اڳ کان به خراب.

Gutter 4

سنڌ اڳ شايد پنهنجي پوري تاريخ ۾ ايتري بي وس ، برباد ۽ تڪليف  ۾ ناهي رهي جو سنڌ جا ماڻهون ،  بجٽ ۾  وڏو پيسو هجڻ باوجود، پيشاب ۽ پنهنجو  گند ۽ گونهن مليل پاڻي پين ان تي مٿان وري پاڻي جي اهڙي صورت حال کي ظاهر ڪندڙ ماهرن، ڪيس وڙهندڙ وڪيلن، ٻڌڻي ڪندڙ ڪميشن ۽ آواز اٿاريندڙ سماجي  ڪارڪن جي ساراه ڪرڻ ، انهن جي مدد سان ذميوارن کي سزائون ڏيارڻ جي ڪوشس بجاءِ ، انهن رپورٽن کي ئي غلط قرار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪورٽ ۾  اهڙي پرفارمنس تي فخر ڪيو وڃي ٿو ۔ سنڌ جا مڻهو سنڌ پاڻي ڪميشن آڏو عرض ٿا ڪن ته سائين   هاڻي حڪمن ٿي عمل جو وقت آهي۔ ڪميشن پنهنجن جاري ڪيل حڪمن تي هڪدم عمل ڪرائي ماڻهن تي مهرباني ڪري نه ته  مون ته سرڪاري ڌر جي وڪيلن کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  پاران   سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ جي پاڻي تي ٺهيل ڊاڪومنيٽري ڏيکارڻ واري حڪم تي اڃان تائين عمل نه ٿيڻ  تي ٽهڪ ڏيندي ڏٺو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *