Friday , March 29 2024

غدار ثابت ٿيڻ تي سري عام ڦاهي ڏيو: نواز شريف

بونير(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران ممبئي واقعي بابت ميڊيا تي آيل بيان کان پوءِ مٿس غداري جي لڳل تهمت بابت هن چيو آهي ته، جيڪڏهن غدار آهيان ته جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي مونکي ۽ الزام هڻندڙ کي سڏايو، غدار ثابت ٿيان ته ڦاهي چاڙهي ڇڏجو. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ڪي پي جي علائقي بونير ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان ڪي پي ڪي جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، سوات جي ماڻهن کان جڏهن پڇيوسين ته هنن ٻڌايو عمران خان اسان کي ذليل ۽ خوار ڪيو ۽ صوبي ۾ ڪا به ترقي ناهي ٿي. هن چيو ته غدار غدار ڪوٺيو پيو وڃي، جيڪڏهن مان غدار آهيان ته ڪميشن ٺاهيون، مون سميت منهنجي مٿان الزام هڻندڙن کي به سڏايو وڃي. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن ڪميشن جي آڏو غدار ثابت ٿيان ته ڦاهي ڏئي ڇڏجو.

نواز شريف جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته بونير ۾ موٽر وي بڻجي چڪو هجي ها پر جيڪڏهن  هاڻ نه بڻيو ته 2018ع ۾ بڻجي ويندو.، نواز شريف جو چوڻ هو تگه اسان قوم سان جيڪي واعدا پيا اُهي پورا ڪيا. دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون وجهي مقابلو ڪيو ۽ امن قائم ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪيو، پاڪستان  جي ترقي وارو واعدو به پورو ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت آئي ته صوبي جي تقدير تبديل ڪري ڏينداسين. هن چيو ته ان شخص کي غدار چيو ويو جيڪو ملڪ لاءِ مرندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *