Thursday , March 28 2024

عورتن تي حملو ڪندڙ جوابدار کي پوليس هڪ هفتو گذرڻ باوجود گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

Gulstan e Johar 03Gulstan e Johar 02

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) گلستان جوهر جي مختلف علائقن ۾ تيز ڌار واري اوزار سان حملا ڪري عورتن کي زخمي ڪندڙ جوابدار هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس جي پڪڙ ۾ اچي ناهي سگهيو، جوابدار سنڌ پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڪائونٽر ٽيررزم ڊيپارٽمينٽ / سي ٽي ڊي پاران مبينا جوابدار جي ويڊيو به جاري ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾عورتن کي تيز ڌار واري اوزار سان زخمي ڪندڙ جوابدار اڃا تائين قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا آهن، پوليس جاچ جو دائرو نفسياتي مريضن ۽ منشيات فروشن تائين وڌائيندي 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

شهر جي گلستان جوهر واري علائقي ۾عورتن کي تيز رفتار ڌار واري اوزار سان زخمي ڪندڙ جوابدار اڃا تائين قانون جي جڪڙ ۾ اچي نه سگهيا آهن.  پوليس جوابدارن کي سوگهو ڪرڻ لاءِ جاچ جو دائرو نفسياتي مريضن ۽ منشيات فروشن تائين وڌائي ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عورتن کي زخمي ڪندڙ نفسياتي مريض به ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري علائقي جي نفسياتي اسپتالن مان مريضن جو رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي. پوليس ذريعن موجب واردات ۾ منشيات فروشن جي ملوث هجڻ واري امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي، جنهن لاءِ منشيات جي اڏن خلاف به ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن. پوليس موجب مختلف هنڌن تي ڪارروائين دوران 6 شڪي منشيات فروشن ۽ نفسياتي مريضن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي پوليس ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جي زخمي ٿيڻ بابت ميڊيا تي آيل رپورٽس بعد يونيورسٽي جي انتظاميا سان پڻ رابطو ڪري معلومات ورتي. ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميا پوليس کي ٻڌايو ته شاگردياڻين سان اهڙي قسم جو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *