Friday , April 19 2024

عوام ۾ تبديلي جو وڌندڙ لاڙو ڀوتارن جي غرور کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو: علي قاضي

گهوٽڪي( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته سنڌ ۾ تبديلي وارو رجحان ڀوتارن کي جلد ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو، پنجن مهينن بعد ٿيندڙ اليڪشن ۾ لکين ماڻهو تبديلي جي نالي تي ووٽ ڏئي سنڌ  کي سورن کان نجات ڏياريندا، ڀوتارن کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب ٻچن جو مستقبل انهن حوالي ڪرڻ آهي، جنهن ڪري ووٽ ڏيڻ کان  اڳ ٻچن جي مستقبل بابت ضرور سوچيو وڃي.اهڙو اظهار هن گهوٽڪي، ڳوٺ پنيو لٻاڻو، ڳوٺ غلام حسين ڪنڊراڻي ۽ ٻين هنڌن تي عوامي ميڙاڪن کي خطاب ۽ عوامي ڪچهرين ۾ ڳالهائيندي ڪيو. علي قاضي چيو ته نوجوانن جو ووٽ ايندڙ چونڊن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ڇو ته نوجوانن جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ته  انهن رڳو ڪرپشن ڏٺي آهي ۽ سنڌ جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ حالت ڏٺي آهي. علي قاضي چيو ته اسان کي ڀوتارن جي لنگهي اچڻ تي ووٽ نه ڏيڻ گهرجن، جيڪڏهن اسين هاڻي به ايئن ڪيوسين ته اسان جا ٻار به انهن جا غلام رهندا.

علي قاضي چيو ته ڀوتار اڇي ڏاڙهي وارن کي پٽ تي ويهارين ٿا ۽ ڪرپشن جو  پئسو کائين ٿا، کين اهو ياد ئي ناهي هوندو ته ڪو هو انهن ئي هيٺ ويهندڙ ماڻهن کان ووٽ وٺي ايوانن تائين پهتا آهن. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته آئون در در وڃي رهيو آهيان ۽ ڏسي  رهيو آهيان ته ماڻهن مان ڀوتارن جو خوف نڪري چڪو آهي. هن جو چوڻ هو ته ماڻهن جا سمورا مسئلا بهتر انتظام هلائڻ سان حل ٿي  سگهن ٿا، پر سرڪار ائين ڪڏهن نه چاهيو آهي ۽ نه ئي ايئن ڪڏهن چاهيندي. علي قاضي چيو ته هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ جا لکين ماڻهو تبديلي پسند پارٽي جي پليٽ فارم تي هڪ ٻئي سان سلهاڙجي ايندڙ اليڪشن ۾ ڀوتارن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندا. ان موقعي تي تبديلي پسند اڳواڻن مسعود وساڻ، علي شير مهر ۽ ٻين به خطاب ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ علي قاضي گهوٽڪي ۾ تبديلي پسند پارٽي جي آفيس جو افتتاح پڻ ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *