Thursday , March 28 2024

عمر ڪوٽ پوليس حراست ۾ ورتل 13 سالن جي نينگري کي گم ڪري ڇڏيو

عمر ڪوٽ ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) عمرڪوٽ ۾ پوليس پاران مبينا طور جبري پرڻي کان بچايل 13 ورهين جي نينگري جي وارثن پوليس ۽ ڳوٺ جي بااثرن تي نينگري کي مبينا طور گم ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته، نينگري کي پوليس بااثر وڏيرن سيف الله ۽ فيض پلي جي چوڻ تي گم ڪيو ويو آهي. پوليس 6 ڏينهن اڳ ننڍي عمر ۾ جوڙي جي شادي جي اطلاع تي وومين پوليس  ڪارروائي ڪري 13 ورهين جي نينگري اميشا کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ ورتو هو.

خوشبخت  ايس ايڇ او وومين ٿاڻو

عمرڪوٽ ۾ پوليس پاران مبينا طور جبري پرڻي کان بچايل 13 ورهين جي نينگري جي وارثن پوليس ۽ ڳوٺ جي بااثرن تي نينگري کي مبينا طور گم ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. 6 ڏينهن اڳ ننڍي عمر ۾ جوڙي جي شادي جي اطلاع تي وومين پوليس  ڪارروائي ڪري 13 ورهين جي نينگري اميشا کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ ورتو هو. ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس  اميشا کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جو چئي پاڻ سان گڏ وٺي وئي هئي، جيڪا  6 ڏينهن کا پراسرار نموني گم آهي. وارثن الزام هڻندي چيو آهي ته. وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوشبخت نينگري کي ڳري رشوت عيوض بااثر وڏيري سيف الله ۽ فيض پلِي جي حوالي ڪيو  آهي. وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي نينگري کي بازياب ڪرائي، ملوث پوليس اهلڪارن ۽ بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي عمرڪوٽ ٿاڻي جي ليڊي ايس ايڇ او خوشبخت جو چوڻ آهي ته نينگريءَ کي سندس وارث ئي پاڻ سان وٺي ويا هئا، پوليس تي بي بنياد الزام هنيا پيا وڃن. وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت جو نچوڻ آهي ته نينگري کي وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، هاڻي نينگري جا وارث ذاتي مخالفت جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن خلاف الزام تراشيون ڪري رهيا آهن ۽ پوليس کي ان ۾ بنا جواز جي شامل ڪيو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *