Friday , April 19 2024

عمر ڪوٽ پوليس تحويل مان گم ٿيل نينگري جي جاچ ڪميٽي ۾ الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او جاچ ڪميٽي ۾ شامل

عمرڪوٽ (ڀاواني راجا    رپورٽر سنڌسماءَچار) عمر ڪوٽ ۾ ننڍي عمر ۾ سادي ڪرائڻ واري الزام هيٺ پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ بعد پراسرار نموني گم ٿيل 13 ورهين جي اميشا خاصخيلي جو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، آءِ جي سنڌ بااثر وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوشبخت خلاف به اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. آءِ جي جي حڪم تي معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ نينگري کي بااثر وڏيري حوالي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او خوش بخت کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ عمرڪوٽ وومين ٿاڻي مان نينگري اميشا خاصخيلي جي پراسرار طور گم ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو، نينگري جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي ميرپور خاص جي اڳواڻيءَ ۾ 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم، اميشا جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اميشا کي ٻن بااثر وڏيرن جي حوالي ڪيو آهي، ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوشبخت جو چوڻ آهي ته نينگريءَ کي اسان وارثن جي حوالي ڪيو هو، وارثن پاران پوليس تي ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن.

آءِ جي سنڌ پوليس عمر ڪوٽ وومين ٿاڻي تان نينگري اميشا خاصخيلي جي گم ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي نينگري بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڊي آءِ جي ميرپورخاص معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

 آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پاران نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص مظهر نواز شيخ پاران قائم ڪيل ڪميٽي ۾ سي آءِ اي انچارج خليل ڪنڀر، ڊي ايس پي عمرڪوٽ فضل الحق چانڊيو ۽ وومين ٿاڻي عمرڪوٽ جي ايس ايڇ او خوش بخت شامل آهن.

 واضح رهي ته 6 ڏينهن پهريان عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ھاشم پلي مان وومين پوليس پاران ڇاپو ھڻي مبينه ننڍي ڄمار ۾سندس شادي ڪرائڻ جي الزام هيٺ ٿاڻي تي آندو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *