Friday , March 29 2024

عمرڪوٽ جي چانهيان پاڙي جي رهواسي کي به ڪرونا جي تصديق

روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عمرڪوٽ واسي نوجوان کي ڪرونا جي تصديق، حيدر آباد منتقل

عمرڪوٽ( ڊسٽرڪٽ رپورٽر   سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ شهر جي نوجوان کي ڪرونا وائس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، نوجوان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ علاج هيٺ هو، جتي سندس مختلف ٽيسٽن ۾ ڪرونا جي به تصديق ٿي، ٽراما سينٽر ڪراچي مان عمرڪوٽ شهر پهتل چانهيان پاڙي جي رهواسي نوجوان کي ڪرونا جي تصديق واري رپورٽ به سنڌسماءَچار کي ملي وئي آهي. وائرس متاثر نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته،  6ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس مختلف ٽيسٽون ڪرايون ويون هيون جن ۾ ڪرونا جي ٽيسٽ به ٿي هئي، جنهن ۾ کيس ڪرونا جي تصديق ٿي. نجوان جي ڪرونا رپورٽ اچڻ بعد ڊي ايڇ او ۽ ضلعي انتظاميا نوجوانن کي حيدرآباد جي ڪورنٽائين سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو آحي، جتي سندس علاج هلندڙ آهي، ٻئي پاسي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڪجهه دير لاءِ ماڻهن کي گهرن تائين رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن کي به بغير ڪنهن ضرورت جي ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هنئين وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *