Friday , March 29 2024

عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پيپلز پارٽي ڪوڪا ۽ ڪِلا ٺوڪي ڇڏيا، پ پ جا بئنر مخالفن لڳائي بدنام ڪيو: سردار شاهه

عمرڪوٽ جي تاريخي ماڳن جي وڏي پيماني تي لتاڙ ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت بلاول ۽ ٻين اڳواڻن جا پوسٽر ۽ بينر لڳائڻ لاءِ تاريخي قلعي جي ڀتين ۾ ڪوڪا ٺوڪي سخت نقصان پهچايو ويو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته قلعي جي ڀتين ۾ ڪوڪا لڳڻ سبب سرون ڀري ويون آهن. صوبائي وزير سردار شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف پارٽين پ پ کي بدنام ڪرڻ لاءِ بئنر ۽ پوسٽر لڳايا آهن، معاملي جي جاچ ڪرائبي.

عمر ڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي جي تقريب لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي ورثو قرار ڏنل عمرڪوٽ جي قلعي جي ڀتين تي ڪوڪا ٺوڪي آجياڻي وارا بئنر لڳايا ويا آهن. ڪوڪا ٺوڪي پيپلز پارٽي جا بئنرز لڳائڻ سان تاريخي ثقافتي ورثو قرار ڏنل عمرڪوٽ قلعي جي ڀتين کي سخت نقصان پهتو آهي. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته، مخالف به ٻي جماعت کي بدنام ڪرڻ لاءِ بينر هڻندا آهن، اسان جا ڪارڪن ملوث نڪتا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته تاريخي قلعي جي ڀتين تي بئنرز ۽ پمفليٽ نه لڳائڻ گهرجن ها، اسان ان معاملي جي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.

پ پ ايم پي اي سيد علي مردان شاهه چيو ته، عمر ڪوٽ ۾ هندو برادري جي ڏياري جي تقريب آحي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري شرڪت لاءِ اچڻ جا آجياڻي وارا بئنرز لڳايا ويا آهن. هن چيو ته بلاول جي آجياڻي وارا بئنرز پيپلز پارٽي نه پر اقليتي برادري جي ماڻهن پاران لڳايا ويا آهن . ٻي طرف عمرڪوٽ قلعي جي ڀتين تي ڪوڪا ٺوڪي بئنرز لڳائڻ جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت پاران بئنرز کي لاٿو ويو آهي، ان سان به قلعي جي ڀتين کي سخت نقصان پهتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *