Friday , April 26 2024

عمرڪوٽ جي بااثر وڏيري ۽ سندس پٽ کي دادگيري ڳچي پئجي وئي، حسن ٽالپر ڪراچي مان گرفتار

zaid talpur FIR1

عمرڪوٽ جي بااثر وڏيري زيد ٽالپر کي داداگيري ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، ڪنري ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي ڪرسي تي ويهي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ پوليس سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا شروع ڪري ڏنا آهن ۽ سندس پٽ حسن ٽالپر کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ ڪنري ٿاڻي تي وڏيري جي داداگيري واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڪنري شيرخان رند ۽ ايس ايڇ او تصور حسين جٽ کي معطل ڪندي ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ، قانون جي رٽ کي چيلينج ڪندڙ وڏيري زيد ٽالپر جي گرفتاري لاءِ پوليس سندس ڳوٺ مانجهاڪر ۾ ڇاپو هنيو پر وڏيرو فرار ٿي ويو، پوليس موجب وڏيري جي پٽ نواب حسن ٽالپر کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وڏيري جي ٿاڻي ۾ داداگيري واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪنري جي ڊي ايس پي شيرخان رند ۽ ايس ايڇ او تصور حسين جٽ کي معطل ڪري ڇڏيو.

آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي ڪنري ۽ ايس ايڇ او کي ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، ڪنري ٿاڻي جي اضافي چارج ايس ايڇ او شادي پلي کي ڏني وئي آهي.

ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي هدايت تي جوڙيل پوليس جي ٽيم وڏيري زيد ٽالپر جي گرفتاري لاءِ سندس ڳوٺ مانجهاڪر ۾ ڇاپو هنيو پر وڏيرو فرار ٿي ويو .

zaid talpur

پوليس موجب وڏيري زيد ٽالپر جي پٽ نواب حسن ٽالپر کي ڪراچي مان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪي ٽي نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي عمرڪوٽ عثمان اعجاز باجوه چيو ته وڏيري زيد ٽالپر کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، قانون کي هٿ ۾ کڻندڙ کي معاف نه ڪيو ويندو.

zaid talpur FIR2

هن چيو ته وڏيري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، وڏيري زيد جي پٽ حسن ٽالپر کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن پنهنجي روئيي تي پوليس کان معافي به ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *