Friday , March 29 2024

عمران سان اتحاد اسرائيل جو وجود تسليم ڪرڻ برابر آهي: فضل الرحمان

ملتان ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ايم اي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان سان اتحاد کان اڳ اسان کي اسرائيل جي وجود کي تسليم ڪرڻو پوندو، مطلب اهو آهي ته عمران خان سان اتحاد ڪرڻ ائين آهي ڄڻ اسان اسرائيلجو وجود تسليم ڪيو. عمران خان وزيراعظم بڻيو ته اها ملڪ جي بدقسمتي هوندي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ميڊيا تي سياستدانن جون سٺايون لڪائي برايون ڏيکاريون وڃن ٿيون جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪرائين ٿا اسان انهن مڪار دوستن جي شر کان پناهه گهرون ٿا. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان وزيراعظم بڻيو ته اها ملڪ جي بدقسمتي هوندي، هو ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد نه ڪندا. سندس چوڻ هو ته ايم ايم اي جو 13 مئي تي مينار پاڪستان تي جلسو ٿيندو جيڪو چونڊن جي تاريخ بدلائي ڇڏيندو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ايم ايم اي جو هيءَ پهريون تجربو ناهي اسان اڳ به ڪامياب رهيا آهيون، ايندڙ چونڊ ڪتاب جي چونڊ نشان تي وڙهنداسين. ايم ايم اي سربراهه جو چوڻ هو ته هنن پهرين ڏينهن کان بهاولپور ۽ سرائيڪي صوبي جي حمايت ڪئي آهي جيڪي ان جي اڄ حمايت ڪن پيا اهي 5 سال اڳ ڪٿي هئا. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا معاملي تي مون کان نه پر اتي جي عوام کان پڇيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *