Saturday , April 20 2024

“عمران خان هم تمهاري ساٿ هين”: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اميد هئي ته وزيراعظم پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ وٺندو، اسان چوڻ آيا هئاسين ته ” قدم بڙهائو عمران خان هم تمهاري ساٿ هين”، ملڪ ٻري رهيو آهي پر وزيراعظم پارليمنٽ مان غائب آهي: بلاول ڀٽو جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب، پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ڪو به سانحو برداشت نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن به ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي ڳالهه ايندي ته پيپلزپارٽي سڀني کان اڳيان هوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ باهه ٻري رهي آهي ۽ وزيراعظم ايوان مان غائب آهي، هي وقت پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان ڌرڻن خلاف کنيل قدمن تي تنقيد جو نه آهي، اسان اهو چوڻ آيا هئاسين ته قدم وڌايو عمران خان ، اسان اوهان سان گڏ آهيون. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ باهه ٻري رهي آهي ۽ وزيراعظم ايوان مان غائب آهي. هن چيو ته هي وقت پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان ڌرڻن خلاف کنيل قدمن تي تنقيد ڪرڻ جو نه آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين  چيو ته ، امن ۽ امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي صورتحال تي بريفنگ ڏيڻ گهرجي ها. بلاول جو چوڻ هو ته، هي وقت سوال اٿارڻ يا ان جو جواب وٺڻ جو نه آهي، منهنجو نانو، ۽ منهنجي ماءُ، منهنجي مامي ۽ اسان جي پارٽي اڳواڻن کي قتل ڪيو ويو.اسان کي ماضي جي ڌرڻن تي بحث ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي  سوچڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، اسان جمهوريت، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني سان گڏ آهيون، اسان اهو چوڻ آيا هئاسين ته قدم وڌايو عمران خان ، اسان اوهان سان گڏ آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *