Saturday , April 20 2024

عمران خان طالبان جو وڇڙيل ڀاءُ ۽ نواز شريف ڊڪٽيٽر ضياءَ جو روحاني اولاد آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽو عوام کي طاقتورن خلاف ڳالهائڻ جي همٿ ڏني، شهيد ڀٽو جيل جا عذاب ڀوڳيا پر ڪڏهن به نه جهڪيو، عمران خان طالبان جو وڇڙيل ڀاءُ ۽ نوازشريف ضياءُ الحق جي روحاني اولاد آهي، ووٽ جي بي عزتي ڪندڙ ووٽ جي حرمت جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان ڪري رهيو آهي. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 39 هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو عوام کي طاقتورن خلاف ڳالهائڻ جي همٿ ڏني، شهيد ڀٽو جيل جا عذاب ڀوڳيا پر ڪڏهن به نه جهڪيو.پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ 26 سالن تائين بنا ڪنهن آئين جي هلندو رهيو، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي هڪ متفقه آئين ڏنو.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه ڏتڙيل طبقي جي حقن جي ڳالهه ڪئي، هارين ۽ مزدورن کي حق ڏياريا. عمران خان طالبان جو وڇڙي ويل ڀاءُ ۽ نواز شريف ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جي روحاني اولاد آهي، جڏهن ته مان شهيد ڀٽو جو حقيقي وارث آهيان. نواز شريف ۽ عمران خان وچ ۾ عوام جي حقن جي نه پر پئسن جي جنگ هلي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پ پ حڪومت غريبن جو قرض معاف ڪيو، سنڌ جيان ٻين صوبن ۾ به سرڪاري اسپتالون ٺاهي سگهون ٿا.بلاول چيو ته نواز شريف هن وقت تمام گهڻو منجهيل آهي ۽ هاڻي هو مايوسي وچان مولا جٽ بڻجي ججز کي ڊيڄاري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *