Friday , March 29 2024

عمران خان جي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ختم ناهي ٿي،لڳي ٿو مونکي سچ ڳالهائڻو پوندو: ريحام خان

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ٽين شادي به ڪئي آهي پر هو اها ڳالهه لڪائي رهيو آهي؛ عمران خان مون سان شادي واري ڳالهه به ڪيترائي ڏينهن لڪائي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو هاڻي لڳي ٿو مون کي سچ ڳالهائڻو ئي پوندو. عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ۽ نامياري ٽي وي اينڪر ريحام خان هڪ ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته، منهنجي 31 آڪٽوبر 2014ع ۾ عمران خان سان شادي ٿي ۽ هڪ سال کانپوءِ 31 آڪٽوبر 2015ع تي طلاق ٿي وئي.

عمران خان سان منهنجي شادي 27 محرم الحرام تي ٿي هئي ۽ عمران خان چيو هو ته محرم کانپوءِ شادي جو اعلان ڪندس پر هن ٻن مهينن کانپوءِ اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان طرفان پنهنجي شادي لڪائڻ تي حيرت ٿي، ڇو ته ڪوڙ ڳالهائڻ سندس عادت ناهي پر ان باوجود عمران خان شادي کانپوءِ هڪ ٽوئيٽ ذريعي شادي جي ترديد ڪري به ڪوڙ ڳالهايو.

ريحام خان چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان الائي ڪيئن صادق ۽ امين قرار ڏنو، هو ته پنهنجي شادي جي معاملي ۾ به ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين جي شادي جي حوالي سان ريحام خان جو چوڻ هو ته ذريعن عمران خان جي ٽين شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر الائي ڇو عمران خان ان جو اعلان نه پيو ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *