Friday , March 29 2024

عمران خان جو ويجهو ساٿي عمران اسماعيل سنڌ جو گورنرنامزد

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ ملڪ جي نامزد وزيراعظم عمران خان سنڌ جي نئين گورنر جي مقرري لاءِ عمران اسماعيل جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، عمران اسماعيل اگسٽ جي ٽئين هفتي دوران عهدي جو حلف کڻندو، سنڌ جي گورنر جي مقرري بابت سنڌ سماءَ چار جي خبر سچي ثابت ٿي وئي آهي ۽ ممتاز ڀٽو کي گونر مقرر نه ڪرڻ واري خبر مڪمل طور سچ ثابت ٿي آهي. پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ وفاق جي نمائندي گورنر واري عهدي لاءِ نيٺ حتمي فيصلو ڪندي نالي جي به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي مخترلف اجلاسن دوران ٿيل صلاح مشورن دوران سنڌ جي گورنر لاءِ مختلف نالن تي ويچار هلندڙ هو، جنهن لاءِ پارٽي جي صوبائي خاص طور تي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن کان به صلاح مشورا ورتا ويا. جنهن بعد پارٽي چيئرمين عمران خان پارٽي جي سينئر اڳواڻ عمران اسماعيل جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

عمران اسماعيل ڪراچي ڄائو آهي، 1966 ۾ ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ عمران اسماعيل مئٽرڪ جو امتحان ڪينٽونمينٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد نيشنل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد پرڏيهه مان ليڌر اينڊ ڪيميڪل جي شعبي ۾ ڊگري حاصل ڪئي.

عمران اسماعيل عمران خان جي سياست شروع ڪرڻ کان به اڳ جو دوست رهيو آهيو. هن 1992 دوران عمران خان جي شوڪت خانم فائونڊيشن لاءِ شروعاتي ڏينهن ۾ فنڊز ۽ عطيا گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سماجي تنظيم پڪار جي سهڪار سان 12 بلين رپيا گڏ ڪيا ۽ شوڪت خانم ڪئنسر اسپتال جي قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ممتاز ڀٽو کي سنڌ جو گورنر نه پيو بڻايو وڃي؛ آصف زرداري کي سوگهو ڪرڻ جي ضررت ناهي

 

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *