Wednesday , April 24 2024

عمران خان جو مثبت قدم، فياض الحسن چوهاڻ کي پنجاب ڪابينا مان نيڪالي

عمران خان جو مثبت قدم، فياض الحسن چوهاڻ کي پنجاب ڪابينا مان نيڪالي

لاهور(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هڪ مثبت قدم کڻندي، هندو برادري بابت گٿا لفظ ڳالهائيندڙ پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کي ڪابينا مان نيڪالي ڏئندي کائنس استعيفيٰ ڏياري ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ هندو به اوترائي محب وطن آهن جيترا مسلمان يا ٻيون اقليتون. پنجاب جي سُڌسماءَ واري کاتي جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کان وزارت تان استعيفيٰ ورتي وئي، سندس استعيفي منظور به ڪئي وئي آهي، سندس جاءِ تي صمصام بخاري کي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اربع يا خميس ڏينهن حلف کڻندو. ٻه ڏينهن اڳ پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ هندو برادري خلاف گٿا لفظ ڳالهايا هئا، جنهن تي نه رڳوڳ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پر سمورين سياسي پارٽين ۽ عام ماڻهن به سخت لفظن ۾ مذمت  ڪئي ۽ فياض الحسن چوهاڻ جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيوهو.

وزيراعظم عمران خان فياض چوهاڻ جي اهڙي بيان جو سخت نوٽيس وٺندي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزردار کي هدايت ڪئي ته فياض الحسن کي گهرائي وضاحت وٺي ۽ کيس هدات ڪئي وڃي ته نهُو وزارت تان استعيفيٰ ڏئي. جنهن بعد پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پنجاب جي سڌُ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ کي سي ايم هائوس طلب ڪيو جتي هن کان غير ذميواراڻي بيان تي کيس ڇنڊ پٽي ۽ هدايت ڪئي ته وزارت تان استعيفيٰ ڏئي، پر هن وڏي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ کان جواب ڏنو، جنهن بعد اها خبر هلائي وئي ته فياض چوهاڻ استعيفيٰ ڏني آهي ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان وڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ فياض الحسن جي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کان پکوءِ فياض الحسن چوهاڻ به تصديق ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل هڪ ويڊيو بيان ۾ چيو ته پنجاب جي وڏي وزير فياض الحسن چوهاڻ جي بيان سان مڪمل لاتعلقي ۽ رنجيدگي جو اظهار ڪيو آهي. عثمان بوزدار چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪنهن اهڙي بيان جي اجازت نه ڏيندي جنهن سان رنگ، نسل، مذهب يا ذات جي بنياد تي ڪنهن جي دل آزادي ٿئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب عثمان بوزدار فياض چوهاڻ سان ملاقات ۾ کيس پنهنجي ناراضگي بابت آگاهه ڪيو جڏهن ته ان ملاقات بعد فياض چوهاڻ وزارت تان مستعفيٰ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار فياض چوهاڻ جي سڌُ سماءَ واري قلمدان تان استعيفيٰ قبولي ورتي آهي.  ان کان سواءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان به فياض الحسن چوهاڻ جي بيان جو نوٽيس ورتو هو ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي فوري ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏنو هو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسلام ۾ اقليتن جي باري ۾ اهڙي ريمارڪس جي گنجائش ناهي، پاڪستان جو آئين به اقليتن کي بنيادي حق ڏيندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *